Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام ابراهيم حيدري سيڪٽر ۾ معززن جي اعزاز ۾ افطار ڊنر جو انعقاد


 Posted on: 7/21/2014
ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام ابراهيم حيدري سيڪٽر ۾ معززن جي اعزاز ۾ افطار ڊنر جو انعقاد
خدمت ڪرڻ کان سواءِ سياست نه صرف بيڪار آهي بلڪه ڌوکو به آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ ڪراچي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ابراهيم حيدري سيڪٽر ۾ معززن جي اعزاز ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ،اشفاق منگي ۽ يوسف شاهواڻي شرڪت ڪئي.دعوت افطار ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر سنڌ اسيمبلي حاجي شفيع ڄاموٽ به شرڪت ڪئي.افطار ڊنر کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته جناب الطاف حسين سياست ۾ انسانيت جي عملي خدمت جو درس ڏنو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته خدمت ڪرڻ کان سواءِ سياست نه صرف بيڪار آهي بلڪه ڌوکو به آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين جي زير نگراني ڪم ڪندڙ ڪي ڪي ايف جي تحت زلزلي، طوفان،ڏڪار سٽيل عوام ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ ڪئي ويندڙ مدد مثالي آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته جناب الطاف حسين بار بار دهشت گردي جي خلاف جنگ جي حوالي سان پنهنجي سچائي تي مبني خيالن جو اظهار ڪن ٿا جن کي ايم ڪيو ايم مخالف هميشه غلط قرار ڏين ٿا، پر اڄ ملڪ و قوم ۾ دهشت گردي جي جيڪا صورتحال آهي اها ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته جناب الطاف حسين ماضي ۾ جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن اهي سو سيڪڙو سچيون آهن. رابطا ڪميٽي افطار پارٽي جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي اتر وزيرستان جي متاثرن ۽ ڪي ڪي ايف جي طرفان رمضان شريف ۾ ۽ سڄو سال مستحق ماڻهن جي امداد جي لاءِ زڪوٰت، فطرو ۽ ٻيون امدادي شيون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڪي ڪي ايف ۾ جمع ڪرائين. ان موقعي تي ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ اعظم، جوائنٽ انچارج اسلم بلوچ، سيد احمد رضا ۽ ميمبر به موجود هئا

5/16/2024 9:57:37 PM