اڄ صبح معطل ڪيل رابطا ڪميٽي جي تمام ميمبرن کي بحال ڪيو ويو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اعلان.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فيصلي جي توثيق ڪري چڏي.
تمام ذميوارَ پنهنجين پنهنجين ذميوارين کي سڃاڻين ۽ پنهنجن فرضن جي ادائگي ۾ ڪنهن به صورت ۾ غفلت کان ڪم نه وٺن.جناب الطاف حسين جي تلقين.
لنڊن ۽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته اڄ صبح معطل ڪيل رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي انهن جي ذميوارين تي بحال ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري چڏي آهي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي تمام ميمبرن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجين ذميوارين کي سڃاڻين ۽ پنهنجن فرضن جي ادائگي ۾ ڪنهن به صورت ۾ غفلت کان ڪم نه وٺن . شهيدن جي پونئرن جي سار سنڀال لهن ۽ ڪارڪنن ۽ عوام سان سٺي نموني سان پيش اچن.