Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي غيرذميواري جو مظاهرو ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي 19 ميمبرن کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري چڏيو.


 Posted on: 7/20/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي غيرذميواري جو مظاهرو ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي 19 ميمبرن کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري چڏيو.
معطل ميمبرَ ڪنهن به افطار پارٽي يا تنظيم جي طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪندا.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2014
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي غيرذميواري جو مظاهرو ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي 19 ميمبرن کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري چڏيو آهي.تفصيلات جي مطابق مورخه 20 جولائي 2014 بروز آچر تي پاڪستاني وقت جي مطابق 11 لڳي 5 منٽن تي نائن زيرو تي فون ڪري حاضري ورتي وئي ته نائيٽ جي ڊيوٽي تي موجود رابطا ڪميٽي جا ڊپٽي ڪنوينرَ ڊاڪٽر نصرت شوڪت ، خالد مقبول صديقي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ جيڪي ننڊ پيا هئا، انهن ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ٻڌايو ته اهي رات جي ڊيوٽي تي هئا، جنهن تي مان يعني قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پچيو ته بس صرف رات جي ڊيوٽي جا ماڻهو موجود آهن ۽ باقي هن مهل تائين ڪوئي به نه پهتو آهي؟ته سڀني جو گڏيل جواب هو ته نه ڪوئي به نه پهتو آهي.
          رابطا ڪميٽي غيرذميواري جو مظاهرو ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪنور نويد جميل، محترمه نسرين جليل، حيدرعباس رضوي، محترمه ممتاز انوار، ڊاڪٽر صغير احمد، ڪهف الورٰي، توصيف خانزاده، سيد شاڪر علي، سيف يار خان، عادل خان، خالد سلطان، نثار پهنور،يوسف شاهواڻي ، اسلم آفريدي، امين الحق، احمد سليم صديقي، عبدالرشيد گوڏيل، اشفاق احمد منگي ۽ عادل صديقي کي اڻ ڄاتل مدت تائين معطل ڪري چڏيو آهي. اهي ميمبر تا حڪم ثاني پنهنجين ذميوارين تي ڪم نه ڪري سگهندا.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته معطل ڪيل رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڪنهن به افطار پارٽي يا تنظيم جي طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪندا ۽ پنهنجن گهرن تي موجود رهندا.جيڪڏهن معطل ڪيل ميمبرن مان ڪوئي به ميمبر افطار پارٽي سميت ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ ڏٺو ويو ته پوءِ انهن کي پارٽي مان خارج ڪيو ويندو.
*****
 

5/16/2024 8:12:27 PM