Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يورپين پارليامينٽ جي ميمبر امجد بشير جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات.


 Posted on: 7/19/2014
 
يورپين پارليامينٽ جي ميمبر امجد بشير جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات.
ملاقات ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر طارق جاويد، محمد انور، واسع جليل، مصطفٰي عزيز آبادي ۽ سابق وزير رضاهارون به موجود هئا.
امجد بشير پاڪستاني سياست ۾ ايم ڪيو ايم جي پاليسين ۽ ڪردار کي ساراهيو ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار به ڪيو.
يورپي پارليامينٽ ۽ لوڪل ڪائونسل جي اليڪشن ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستانين جي ڪاميابي تمام سٺي ڳالھ آهي. نديم نصرت.
لنڊن؛ 19 جولائي 2014
           يورپي پارليامينٽ جي ميمبر، يورپي پارليامينٽ جي هيومن رائيٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ امور خارجه ڪميٽي جي ميمبر امجد بشير ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.ايم ڪيو ايم جي رهنمائن امجد بشير کي يورپي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي گلدستو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر طارق جاويد، محمد انور، واسع جليل، مصطفٰي عزيز آبادي ۽ سابق صوبائي وزير رضا هارون به موجود هئا.امجد بشير جيڪي يوڪي انڊي پينڊنٽ پارٽي جا سينيئر رهنما به آهن. انهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان پاڪ برطانيه تعلقات، پاڪستان جي مجموعي صورتحال، يورپ خصوصن برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ به ڪئي وئي. امجد بشير ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين کي مقامي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن اهي برطانوي پارليامينٽ ۾ پهچي ڪري قومي مسئلن تي آواز اٿارڻ سان گڏو گڏ ڪميونٽي کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل جي لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. امجد بشير پاڪستاني سياست ۾ ايم ڪيو ايم جي پاليسين ۽ ڪردار کي ساراهيو ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي نديم نصرت يورپي پارليامينٽ جي حاليه اليڪشن ۾ يوڪي جي انڊيپينڊنٽ پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي امجد بشير ۽ انهن جي پارٽي جي ٻين رهنمائن کي مبارڪباد پيش ڪئي.انهن چيو ته ان اليڪشن ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڪاميابي تمام سٺي ڳالھ آهي. انهن چيو ته عالمي برادري ۾ پاڪستان جي موجوده اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي رهنمائن کي موثر ۽ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ هڪ اهڙي منصفانه نظام جي قيام جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جتي رنگ و نسل ، فقه، مسلڪ ۽ مذهب کان بالاتر ٿي ڪري تمام شهرين کي برابري حقَ حاصل هجن ۽ شهرين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ۽ امتياز نه هجي.
*

5/16/2024 10:29:07 PM