ايم ڪيو ايم يو ڪي جي زير اهتمام ايسٽ لنڊن ۾ افطار پارٽي منعقد ڪئي وئي.
افطار پارٽي ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي مرڪزي عهديدارن، يونٽ جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدرد پاڪستانين جي شرڪت.
لنڊن؛ 18 جولائي 2014
ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام ايسٽ لنڊن ۾ هڪ افطار پارٽي منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي مرڪزي عهديدارن، ايسٽ لنڊن يونٽ جي ذميوارن،ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اليڪشن سيل جي ميمبر شاهد لطيف ۽ برطانيه جي جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هن وقت جن مسئلن ۽ مشڪلاتن مان گذري رهيو آهي ان جو سبب پاڪستان ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه نظام آهي. جيستائين اهو نظام ختم نه ٿيندو ان وقت تائين پاڪستان مسئلن جي ڌٻڻ کان نڪري نه ٿو سگهي.انهن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي گهرجي ته اهي ملڪ کان فرسوده نطام جي خاتمي ۽ نظام جي تبديلي جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کي عام ڪرڻ ۽ ان جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن ريحان عباسي، شمائل ۽ منظور احمد به شرڪت ڪئي.
****