Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ايم سي جي 8 اسپتالن ۾ مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


 Posted on: 7/18/2014
ڪي ايم سي جي 8 اسپتالن ۾ مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي بندش تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
اسپتالن ۾ زير علاج هزارين مريض مهانگائي جي دور ۾ ٻٺي پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪروڙين روپين جي بلن جي عدم ادائگي تي ڪي ايم سي جي 8 اسپتالن ۾ مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي بندش جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي بندش جي ذميوار عناصر کي بي حس ۽ انتهائي غفلت جو مرتڪب قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي ايم سي جي اسپتالن مان غريب ۽ وچولي طبقي جا هزارين مريض علاج معالجي جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪن پيا پر اسپتالن ۾ خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪرڻ وارن ٺيڪيدارن ڪروڙين روپين جي بلن جي ادائگي نه ٿيڻ تي هزارين مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي بند ڪري چڏي آهي جنهن سان اسپتالن ۾ زير علاج مريض پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ان معاملي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪي ايم سي جي 8 اسپتالن ۾ مريضن کي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي بندش جو سنجيدگي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ اسپتالن  جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ۽ مريضن کي پريشانين کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي ڪوششون ڪيون وڃن.

5/16/2024 8:53:15 PM