Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ نوشهرو فيروز زون جي زير اهتمام بهلاڻي ۾ افطار ڊنر جو انعقاد


 Posted on: 7/18/2014
متحده قومي موومينٽ نوشهرو فيروز زون جي زير اهتمام بهلاڻي ۾ افطار ڊنر جو انعقاد.
نوشهرو فيروز؛ 18 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ نوشهرو فيروز زون جي زير اهتمام بهلاڻي عيدگاھ ۾ افطار ڊنر جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر و صوبائي وزير عبدالحسيب، حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي سليم ٻنڌاڻي،ايس ٽي سي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب چيو ته ايم ڪيو ايم جي آغاز کان ئي وٺي ڪري باطل قوتن ڪوشش ڪئي آهي ته حق پرستي جي نظرئي کي ڦيلجڻ کان روڪيو وڃي، پر الله تعالٰي جي مدد سان جناب الطاف حسين جو حق پرستي جو نظريوملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي چڪو آهي ۽ سنڌ جا باشعور غريب هاري ۽ ڪڙمي ايم ڪيو  ايم جو حصو بڻجي رهيا آهن ته جيئن ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه ، وڏيراڻه ۽ ڪرپٽ سرمائيداراڻه نظام جو خاتمو ڪري پنهنجين نسلن جي مستقبل کي خوشحال بڻائي سگهجي.ان موقعي تي عبدالحسيب ايم ڪيو ايم نوشهرو فيروز زون جي ڪاوشن سان تيار ٿيندڙ بهلاڻي عيدگاھ جو افتتاح  ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي عوام جو شڪريو به ادا ڪيو.
****

5/16/2024 9:57:34 PM