سرگوڌا جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ حساس اداري جي 5 اهلڪارن جي هلاڪ ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 18 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سرگوڌا ۾ جنگ روڊ پٺاڻ ڪوٽ جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ حساس اداري جي 5 اهلڪارن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن هلاڪ ٿيندڙ تمام اهلڪارن جي پونئرن ، حساس اداري جي آفيسرن ۽ عملي سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ اهلڪارن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****