Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اندريان ۽ ٻاهران دهشت گرد قومي سلامتي جي ادارن کي نشانو بڻائي ڪري قوم جي حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/18/2014

اندريان ۽ ٻاهران دهشت گرد قومي سلامتي جي ادارن کي نشانو بڻائي ڪري قوم جي حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪ فوج وڏي بهادري سان قبائلي علائقن ۾ دهشت گردن جو خاتمو ڪري رهي آهي. جناب الطاف حسين.
 
لنڊن؛ 18 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرايجنسي جي تحصيل جمرود جي علائقي غنڊي ۾ دهشت گردن جي طرفان سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي نتيجي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي 8 اهلڪارن جي شهادت ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ کي چئني طرفن کان بدترين سازشن جو سامنو آهي ۽ اندريان ۽ ٻاهران دهشتگرد قومي سلامتي جي ادارن کي پنهنجين ڪاروائين جو نشانو بڻائي ڪري قوم جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته ملڪ جي پاڪ فوج وڏي بهادري سان ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشت گردن جي ٺڪاڻڻ کي تباھ و برباد ڪري رهي آهي ۽ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪري رهي آهي اها ئي وجه آهي ته دهشت گرد وائڙائپ جو شڪار ٿي ڪري بزدلاڻه ڪاروائيون ڪري رهيا  آهن. انهن فرمايو ته پوري قوم فوج جي قربانين کي ساراهي ٿي ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺي آهي. انهن جمرود ۾ پيش ايندڙ ان افسوس ناڪ واقعي جي نتيجي ۾ 8 اهلڪارن جي شهادت ۽ 2 جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙ جوانن جا درجات بلند فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.
*

5/16/2024 8:42:42 PM