Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تحت گلستان جوهر ، محمود آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ افطار ڊنرز جو اهتمام.


 Posted on: 7/17/2014
ايم ڪيو ايم جي تحت گلستان جوهر ، محمود آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ افطار ڊنرز جو اهتمام.

عوامي اتحاد سان ئي پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.

ڪراچي؛ 17 جولائي 2014

             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام گلستان جوهر، محمود آباد ۽ نيو ڪراچي سيڪٽرن ۾ افطار پارٽين ۽ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن عادل صديقي، سيف يار خان ۽ عبدالحسيب شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خواجه اظهار الحسن، صوبائي وزير صنعت و تجارت رئوف صديقي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن ۽ عوام جي وڏي تعداد به موجود هئي. افطار پارٽين کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته جناب الطاف حسين هميشه ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ جو درس ڏنو آهي ۽ ملڪ کان مذهب جي نالي تي انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ملڪ جي تمام مذهبن، مسلڪن ۽ فقهن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي وڏي اڪثريت موجود آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ کي موجوده حالتن ۾ مختلف چيلنجن جو سامنو آهي ۽ ملڪ جو عوام پنهنجي اتحاد سان ئي انهن چيلنجن سان نڀري سگهي ٿو. ان جي ڪري تمام ماڻهن کي گهرجي ته تمام تر نظرياتي اختلافن کي پوئتي اڇلائي ڪري پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ ٿي وڃن ۽ ملڪ دشمنن کي ٻڌائي چڏين ته وطن جي خاطر هڪ هڪ پاڪستاني متحد آهي

5/16/2024 6:54:40 PM