Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سحري ۽ افطاري جي ٽائيم تي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 7/17/2014
ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سحري ۽ افطاري جي ٽائيم تي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

سحري ۽ افطاري جي وقت تي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ ڪراچي جي عوام تي وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي.رابطا ڪميٽي.

ڪراچي؛ 17 جولائي 2014

             متحده ومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي وقت جي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ڪراچي جي عوام تي وڏو ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان مسلسل دعوٰي ڪيا پيا ويا ته رمضان شريف ۾ خصوصن سحري ۽ افطاري جي وقت تي ڪنهن به صورت ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. پر ڪي اليڪٽرڪ جي تمام دعوائن جي باوجود ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سحري ۽ افطاري جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جا شهري مهانگي بجلي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ باقائدگي سان بجلي جا بل به ادا ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود عوام جي مٿان لوڊشيڊنگ جو عذاب وڏو ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ان غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو نوٽس ورتو وڃي

5/16/2024 9:57:45 PM