Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي _4 جي منظوري ۽ آئنده اجلاس ۾شهر جي ٻين وڏن منصوبن کي شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سٺي ڳالھ آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 7/17/2014
سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي _4 جي منظوري ۽ آئنده اجلاس ۾شهر جي ٻين وڏن منصوبن کي شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سٺي ڳالھ آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.

ڪي _4 سميت ڪراچي جي اهم منصوبن تي توجه ڏيڻ تي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان تشڪر جو اظهار.

اسلام آباد؛ 17 جولائي 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فاروق ستار وزير اعظم ميان نواز شريف جي خصوصي هدايت کان پوءِ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي وڏي منصوبي ڪي _4 جي منظوري ۽ سي ڊي ڊبليو پي وي ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽي فارنيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي آئنده اجلاس ۾ ڪراچي جي شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ٻين وڏن منصوبن کي شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ کي تمام سٺو قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته اختيار رکندڙ ڌرين کي عوامي مشڪلاتن کان آگاھ ڪري . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل اجلاسن ۾ به وزير اعظم جي توجه ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي _4 ۽ ٻين وڏن تعميراتي منصوبن ڏانهن مبذول ڪرائي هئي  پر وزير اعظم جي خاطري جي باوجود انهن منصوبن کي ايڪنيڪ ۽ سي ڊي ڊبليو پي جي گذريل اجلاس ۾ شامل نه ڪيو ويو هو پر هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم جي توجه ڪراچي ڏانهن ڇڪرائڻ تي وزير اعظم پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري جاويد اسلم کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪنيڪ ۽ سي ڊي ڊبليو پي جي آئنده اجلاس ۾ ڪراچي جي اهم منصوبن کي لازمي طور تي شامل ڪن. ڊاڪٽر فاروق ستار وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي طرفان ڪراچي جي اهم منصوبن تي توجه ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته حڪومت آئنده به ڪراچي تي خاص توجه ڏيندي.


5/16/2024 8:02:06 PM