Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دي رائيٽ مين : متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي پاڪستان کي توجه ڏيڻ گهرجي.


 Posted on: 7/16/2014
 

دي رائيٽ مين

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي پاڪستان کي توجه ڏيڻ گهرجي.


16 جولائي 2014

هفتي وار ميگزين (نيوز ويڪ) جي بينظير شاھ کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ڏنل انٽرويو.

جناب الطاف حسين 1978 ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن( اي پي ايم ايس او) جي بنياد رکي جيڪا 1984 ۾ هڪ منظم سياسي جماعت مهاجر قومي موومينٽ( ايم ڪيو ايم) جي روپ ۾ سامهون آئي، ان جو اهو سفر اتي ئي ختم نه ٿيو، 1997 ۾ اها جماعت قومي وهڪري ۾ شامل ٿئي ٿي ۽ پاڻ کي متحده قومي موومينٽ جو نالو ڏيئي ٿي. انهن جي جماعت 2002 کان مرڪز يا صوبائي حڪومت يا ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت اقتدار ۾ شامل رهي آهي. پاڪستان ۾ پاڻ ٿي ٿيندڙ مسلسل قاتلاڻه حملن کان پوءِ ڊسمبر 1991 ۾ جناب الطاف حسين وطن کان دور لنڊن ۾ جلاوطني جي زندگي اختيار ڪئي. جنهن جي 6 مهينن کان پوءِ ان وقت جي حڪومت انهن جي پارٽي جي خلاف هڪ فوجي آپريشن ڪيو . ٻين سياسي قائدين جي مقابلي ۾ الطاف حسين اسلام ۽ فوج جي حوالي سان دليلن سان ڳالھ ڪن ٿا ڇو ته انهن جا نانو ۽ ڏاڏو ٻئي مذهبي اسڪالر هئا ۽ پاڻ به انهن فوج جي بلوچ ريجمينٽ ۾ خدمتون انجام ڏنيون آهن. اسان 60

ساله پاڪستاني قائد سان پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ان کي پيش ايندڙ قانوني مشڪلاتن جي حوالي سان اِي ميل جي ذريعي ڳالھ ٻولھ ڪئي.

سوال؛ ايم ڪيو ايم طالبان ۽ انهن جي حامين تي سخت تنقيد ڪري ٿي جنهن جي ڪري ان کي ان جي سزا مختلف شڪلن ۾ جهڙوڪ ٽارگيٽ ڪلنگ يا بم  ڌماڪن جي صورت ۾ ملندي رهي ٿي. ڪراچي ۾ دهشت گرد ڪيتري حد تائين قابض ٿي چڪا آهن ۽ انهن سان ڪهڙي طريقي سان نڀري سگهجي ٿو؟

جواب؛ منهنجي پارٽي ايم ڪيو ايم هميشه دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي جي مخالفت ڪئي آهي. طالبان گذريل ٽن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي چئن چونڊيل نمائندن کي قتل ڪري چڪا آهن جڏهن ته انهن جو تازه شڪار ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف ٿي آهي. جن کي 18 جون تي لاهور ۾ نشانو بڻايو ويو. ايم ڪيو ايم 2008 کان ڪراچي ۾ مسلسل طالبان جي خطري کان آگاه ڪري رهي آهي . جڏهن مان پهريون ڀيرو ان مسئلي تي آواز اٿاري ته منهنجي سياسي مخالفن منهنجو مذاق اڏايو. مون تي خوف و هراس ۽ لساني نفرت ڦيلائڻ جو الزام لڳايو ويو پر هاڻي هر شخص ان ڳالھ کي تسليم ڪري رهيو آهي ته منهنجا خدشا بلڪل درست هئا.وفاق جي انتظام وارن قبائلي علائقن ۽ سوات ۾ فوجي آپريشن کان پوءِ دهشت گرد ۽ آئي ڊي پيز جي هڪ وڏي تعداد ڪراچي منتقل ٿي رهي آهي. طالبان ۽ ٻين ڏوهاري دهشت گردن ڪراچي کي پنهنجي پناھ گاھ بڻائي رکيو آهي ۽ اهي بينڪن ۾ ڌاڙا هڻڻ، ڀتا خوري،ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ زمينن تي قبضن جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. مقامي انگريزي اخبارن ۾ ان حوالي سان ڪيتريون ئي رپورٽون شائع ٿي چڪيون آهن ته هڪ تمام وڏي رقم ڪراچي جي انهن بينڪن کان جتي مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا ماڻهو آباد آهن، اتان ٻاهر منتقل ڪئي وئي آهي. هڪ آمريڪي اخبار جي حاليه رپورٽ جي مطابق ڪراچي جي ٽئين حصي کان به وڌيڪ ڪراچي تي طالبان جو قبضو آهي. اها رپورٽ منهنجي ان ڳالھ جي تصديق ڪري ٿي جيڪا مان هڪ عرصي کان چوندو پيو اچان.ڪراچي جي هڪ وڏي علائقي تي طالبان جي حڪومت قائم آهي. انهن پنهنجيون عدالتون به انهن علائقن ۾ قائم ڪري ورتيون آهن جتي اهي پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت جي مطابق فيصلا ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي عام طور تي طالبان جي هٿ ٺوڪيل شريعت جي مطابق سزائون ڏنيون وڃن  ٿيون. هن سال جون ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي طالبان دهشت گردن جي حملي تي ڪراچي جا ماڻهو حيران نه ٿيا ڇو ته اهي ڏسي رهيا هئا ته ڪراچي طالبان جو مظبوط ڳڙھ بڻجندو پيو وڃي. طالبان دهشت گرد ڪراچي جي تمام وڏين ڪچين آبادين کي پنهنجين پناھ گاهن جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن ڇو ته رياست جي عملداري انهن علائقن ۾ تقريبن ختم ٿي چڪي آهي. ڀتا خوري ۽ ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ جا فون به انهن علائقن مان ئي اچن ٿا. ان کان علاوه طالبان دهشت گردن ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ تمام وڏيون زمينون به پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيون آهن. خاص طور تي اهم ايندڙ ويندڙ رستن تي. حڪومت کي انهن غير قانوني وسندين تي پنهنجي عملداري قائم ڪرڻ گهرجي.دهشت گردي جي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ لازم آهي ته ڪراچي ۾ دهشت گردن جي ٺڪاڻڻ کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي غير قانوني مالي مدد(فنڊنگ) بند ٿي سگهي.غير قانوني تارکين وطن ۽ بي گهر ماڻهن( آئي ڊي پيز) جي لاءِ اسڪريننگ جو نظام سخت  ڪيو وڃي.

سوال؛ قدامت پسند ۽ مذهبي عناصر ايم ڪيو ايم کي، جيڪا جو هڪ لبرل ۽ ترقي پسند پارٽي آهي مشڪوڪ نظرن سان ڏسن ٿا. ڇا اهو ئي سبب آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ قومي جماعت جي طور تي اڀري ڪري سامهون نه اچي سگهي آهي؟پنجاب جتي ووٽرن جي هڪ وڏي تعداد موجود آهي اتي ايم ڪيو ايم جي ناڪامي جا ڪهڙا سببَ آهن؟

جواب؛ اوهان جو مشاهدو ڪنهن حد تائين درست آهي ڇو ته اها افسوس جي ڳالھ آهي ته گذريل 15 سالن کان ايم ڪيو ايم هڪ قومي پارٽي بڻجڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف آهي پر ايم ڪيو ايم جيتريون وڌيڪ ڪوششون ڪري ٿي اوترو ئي ان جي راھ ۾ رڪاوٽون بيهاريون وڃن ٿيون. پر انهن تمام رڪاوٽن جي باوجود ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڏي عوامي حمايت حاصل ڪئي آهي. ان سان گڏو گڏ اسان جا ٻه ميمبر آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ موجود آهن. ان کان علاوه گلگت بلتستان جي اسيمبلي ۾ به اسان جو هڪ نمائندو موجود آهي. اسان ان ڳالھ تي يقين رکون ٿا ته ايم ڪيو ايم ئي اها واحد جماعت آهي جنهن جو ترقي ازم ۽ لبرل ازم جو نظريو صحيح معنٰي ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مطابق آهي. جن پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبلي کي تاريخي خطاب ۾ پنهنجي نقطه نظر کي واضع ڪري چڏيو هو. قائد اعظم پنهنجي خطاب ۾ واضع لفظن ۾ چيو هو ته پاڪستان تمام مذهبن ، عقيدن ۽ فرقن جي ماڻهن جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان ۾ سڀني کي پنهنجي عقيدي جي مطابق عبادت ڪرڻ جي اجازت هوندي.ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هڪ اهڙو ئي ملڪ بڻائڻ چاهي ٿي جيئن جو قائد اعظم پاڪستان کي هڪ جديد، لبرل ۽ ترقي پسند ملڪ بڻائڻ چاهين پيا. جيڪو پاڙيسرين جو دوست هجي ۽ جتي ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت هجي، اهڙو ملڪ نه جتي مذهبي انتها پسندن جي حڪومت هجي ۽ جتي ماڻهو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هجن.افغانستان ۾ سوويت يونين جي قبضي کان پوءِ مذهبي انتها پسندن کي ڄاڻي ٻجهي پوري پاڪستان ۾ مظبوط ڪيو ويو ته جيئن انهن کي سوويت يونين جي خلاف استعمال ڪري سگهجي. پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ به اهي مذهبي جماعتون پاڪستاني معاشري ۾ پنهنجيون پاڙون مظبوط ڪنديون رهيون ۽ فرينڪنسٽائين جي مونسٽر ( عفريت) جي روپ ۾ سامهون آيون ۽ هاڻي اهي پنهنجن آقائن جي لاءِ به خطرو بڻجي چڪيون آهن. انهن انتها پسندن جو اسلام جو پنهنجو برانڊ آهي جنهن ۾ ٻئي فرقي، مذهبي اقليتن، خاص طور تي هندن، عيسائين، سکن ۽ يهودين جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي ۽ عورتن کي تعليم جي حق سان گڏو گڏ بنيادي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي.مان هتي هڪ ڳالھ جو اضافو ڪرڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي ان جي ترقي پسند ۽ لبرل پاليسين جي باوجود قومي سياست ۾ مناسب ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو جنهن جو سبب صرف اهو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن جي قيادت جو پس منظر غير جاگيرداراڻه آهي.اها ايم ڪيو ايم جي پاليسي آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي کي بااختيار بڻايون پر ان پاليسي کي جاگيردار طبقو پنهنجي لاءِ هڪ چيلنج سمهجي ٿو اهي  چند خاندان اهي ئي آهن جيڪي پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ان ملڪ تي حڪومت ڪندا پيا اچن.

سوال؛ اوهان تازه ترين فوجي آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي فوج جي کلي ڪري حمايت ڪئي ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي ڪراچي ۾ هڪ جلسو به ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون خدمتون به ان جنگ جي لاءِ پيش ڪيون. اوهان جي خيال ۾ ايم ڪيو ايم ان جنگ ۾ ڪيتري حد تائين مدد ڪري سگهي ٿي؟

جواب؛ ايم ڪيو ايم جو موقف اهو آهي ته پاڪستان ۽ مذهبي انتها پسندي گڏ گڏ هلي نه ٿيون سگهن. اها ڳالھ واضع آهي ته طالبان جي پيش ڪيل اسلام ۾ مذهبي اقليتن ۽ عورتن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. قائد اعظم جي هڪ جديد، جمهوري ۽ ترقي يافته  ملڪ جو خواب هڪ خوفناڪ خواب ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پاڪستاني معاشري جي حفاظت ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي ساک بچائڻ جي لاءِ طالبان ۽ انهن جي اتحادين جي خلاف هڪ جامع پاليسي( دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ) ۽ ڪاروائي تمام ضروري آهي.ايم ڪيو ايم کي معاشري جي تمام طبقن جي لکين ماڻهن جي حمايت حاصل آهي.ايم ڪيو ايم ڪنهن به ڪاروائي جي لاءِ حڪومت ۽ فوج کي مڪمل ۽ غير مشروط سياسي ۽ اخلاقي حمايت جي پيش ڪش ڪئي آهي ته جيئن دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي جو خاتمو ٿي سگهي.مون کي يقين آهي ته ايتري وڏي پيماني تي حمايت سان طالبان ۽ انهن جي اتحادين جي خلاف ڪنهن به موثر مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جو پاڪستان جي ڪيترن ئي حصن ۾ عوامي ڀلائي جي سرگرمين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ موجود آهي. آزاد ڪشمير، اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواھ جي ڪجھ علائقن ۾ 2005 جي زلزلي کان پوءِ ايم ڪيو ايم امدادي سرگرمين جي لاءِ متاثره علائقن ۾ پنهنجا هزارين رضاڪار موڪليا. اسان جي رضاڪارن فيلڊ اسپتال، ڊسپينسريون، بلڊ بينڪ ۽ تنبن جا شهر آباد ڪيا. ايم ڪيو ايم جا گشتي اسپتال سرجيڪل سهولتن سان ليس هئا.اسان جي رضاڪارن ملڪ جي دور دراز وارن علائقن ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جو فوج ، ميڊيا ايستائين جو اسان جي سياسي مخالفن به اسان جي ڪم کي ساراهيو.حال ئي ۾ 2010 جي سيلاب جي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن بي گهر ماڻهن کي خوراڪ ۽ پناه گاهون فراهم ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو جيڪي ڪراچي ۾ پناھ وٺڻ آيا هئا. ان کان علاوه اسان  سنڌ جي ڳوٺن ۾ به ماڻهن جي مدد ڪئي. ايم ڪيو ايم تمام گهٽ وقت ۾ پنهنجي هزارين رضاڪارن کي متحرڪ ڪري سگهي ٿي. اسان جا رضاڪار، ڊاڪٽر، پيراميڊيڪس ۽ ٻيا هنرمند حڪومت ۽ فوج جي آئي ڊي پيز جي موجوده بحران کان نڀرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

سوال؛ عمران خان جي تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ڊگهي عرصي کان پاڻ ۾ آمهون سامهون آهن ،ايستائين جو هن اليڪشن کان اڳ تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ پنهنجي سينيئر ميمبر جي قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو هو ۽ پي ٽي آئي جي حامين اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي فون ڪري اوهان جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. اوهان پي ٽي آئي جي خيبرپختونخواھ ۾ ڪارڪردگي کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا.

جواب؛ ها، تحريڪ انصاف جي حامين ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ مئي 2013 ۾ هڪ منظم مهم جو آغاز ڪيو هو. پاڪستاني حڪام ۽ ميٽروپوليٽن پوليس جي تحقيقات اسان جي ان موقف کي واضع ڪري ٿي ته اهي الزام سياسي هئا. انتخابي ڌانڌلي جي حوالي سان پي ٽي آئي جي الزامن جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. مسئلو اهو آهي ته پي ٽي آئي انهي اليڪشن جي ذريعي ڪي پي ڪي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ ان پنجاب ۾ به ڪجھ سيٽون حاصل ڪيون آهن. مولانا فضل الرحمٰن جي جماعت جميعت علماء اسلام جيڪا هڪ مذهبي جماعت آهي اها به ڪي پي ڪي جي اليڪشن جي حوالي سان ڌانڌلي جو دعوٰي ڪري ٿي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي جي شڪايت جو ته نوٽس وٺي ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي شڪايت کي نظر انداز ڪري چڏي. جيستائين ڪي پي ڪي صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو تعلق آهي ته گذريل سال مئي کان ٿيندڙ واقعا ان ڳالھ جا گواھ آهن ته اهو بلڪل آسان آهي ته اوهان پري ويهي ڪري تماشو ڏسو ۽ انهن تي تنقيد ڪريو.جيڪي ميمبر آهن اهي حالتن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ به ڪي پي ڪي ۾ دهشت گردي گهٽ نه ٿي آهي جڏهن ته صوبي ۾ ڀتا خوري ۽ اغوا برائي تاوان جي واقعن ۾ به مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. سڄي صوبي جا واپاري صورتحال کان نڀرڻ ۾ ناڪامي تي صوبائي حڪومت کان پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪري چڪا آهن . پي ٽي آئي قيادت جو طالبان جي حوالي سان نرم رويو به انهن جي جماعت جي پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال حامين ۾ سخت مايوسي جو سبب بڻجي ٿو.

سوال؛ وزير داخله ۽ وزير دفاع جي مطابق مسلم ليگ ن ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ اختلاف موجود آهن،ڇا اوهان کي انهن اختلافن جو علم آهي ۽ اهي اختلافَ ڪهڙي طرح دور ٿي سگهن ٿا؟

جواب؛ انهن اختلافن تي تبصرو ڪرڻ مشڪل آهي ،مون کي اهڙن اختلافن جو ڪوئي به علم نه آهي. پر وفاقي حڪومت پاڪستاني طالبان سان ڳالهين جي حق ۾ وڌيڪ هئي ۽ انهن جي خلاف ڪاروائي جي حق ۾ بلڪل نه هئي،جڏهن ته فوج طالبان دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهي هئي. ميڊيا انهن اختلافن کي اجاگر ڪيو. ڪجھ وفاقي وزيرن جي طرفان فوج جي باري ۾ ڪن بيانن به ان اندازي کي درست ثابت ڪيو ۽ ڪن ميڊيا جي رپورٽن به تقسيم جي خبرن کي وڌيڪ طاقت ڏني.جيڪڏهن اهي اطلاعون درست آهن ته اهو هڪ دردناڪ واقعي کان گهٽ نه آهي . اهو ملڪ مذهبي انتها پسندن جي خلاف فيصله ڪن ڪاروائي ۾ ڪنهن به تاخير کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي. مقامي دهشت گردي جنهن مذهبي انتها پسندي جي نتيجي ۾ جنم ورتو آهي اها پاڪستان جي لاءِ هن وقت سڀني کان وڏو خطرو آهي. منهنجي خيال ۾ پاڪستان هن وقت“هاڻي نه ته پوءِ ڪڏهن به نه”جي صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ خاموش رهڻ جي ڪائي به گنجائش نه آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان ڳالھ جي اهميت اڃان وڌي وڃي ٿي ته پاڪستان جي سالميت نه صرف پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي بلڪه سڄي پرڳڻي ۽ ساري دنيا جي امن جي لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿي . پاڪستان جي عوامي نمائندن ۽ فوجين کي گهرجي ته اهي هڪ آواز ٿي ڪري طالبان جي خلاف ميدان ۾ اچن.

سوال؛ اولھ وارا ملڪ اتر وزيرستان ۾ ڪاروائي جو مطالبو وڏي عرصي کان ڪري رهيا هئا.اها فوجي ڪاروائي آخر ڪار جون ۾ شروع ٿي وئي.آپريشن ۾ تاخير جا ڪهڙا سبب هئا. اهو آپريشن ايترو ضروري ڇو هو ۽ ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

جواب؛ ايم ڪيو ايم هميشه دهشت گردي جي مسئلي تي هڪ واضع موقف رکيو آهي ، اسان هميشه چيو آهي ته طالبان ۽ انتها پسند قوتون نه صرف پاڪستان جي لاءِ خطرو آهن. بلڪه اهي هن پرڳڻي ۽ پوري دنيا جي لاءِ به خطرو آهن. حڪومت، ڪجھ مذهبي ۽ سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ  ۾ موجود ڪجھ عناصر انهن قوتن کي اسٽرٽيجڪ اثاثن جي طور تي ڏسن ٿا. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان افغانستان ۽ ڪشمير ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. پر حال ئي ۾ فوج جي رويي ۽ پاليسي ۾ وڏي حد تائين تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اها اندروني خطري کي ٻاهرين خطري کان وڌيڪ اهم سمجھي رهي آهي. فوج هاڻي طالبان ۽ ان جي اتحادين کي ملڪ جي لاءِ خطرو سمجھي ٿي. آپريشن ۾ تاخير لازم هئي ڇو ته حڪومتي ايوانن ۾ موجود طالبان جا طاقتور حمايتي ، اپوزيشن ۽ ميڊيا ان ڳالھ جي حق ۾ هئا ته شدت پسندن سان ڳالھ ڪئي وڃي . پي ٽي آئي جنهن جي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت به قائم آهي. ان آخري وقت تائين فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي. جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ جميعت علماء اسلام جا مختلف ڌڙا ۽ ٻيون مذهبي جماعتون اڄ به ان جنگ کي ٻين جي جنگ چون ٿيون حالانڪه هزارين
پاڪستاني فوجي ۽ معصوم شهري انهن دهشت گردن جي ور چڙهي چڪا آهن انتها پسندن جي خلاف آپريشن پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ۽ مون کي پنهنجي فوج تي پورو ڀروسو آهي ته اها هن جنگ ۾ فتح حاصل ڪندي.

سوال؛ ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت اوهان کي پاڪستاني پاسپورٽ جي حاصل ڪرڻ ۾ حمايت نه ڪئي ڇا اهو سچ آهي؟ ڪجھ تجزيه نگارن اهو به چيو ته اوهان ان مرحلي تي پاسپورٽ جي درخواست ڇو ڏني.ڇا اوهان ڪراچي اچڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا آهيو. اوهان ڪراچي جي ڪهڙي شي کي گهڻو ياد ڪريو ٿا؟

جواب؛ مون وٽ برطانوي شهريت ضرور آهي پر اهو نه وساريو ته مان هڪ پاڪستاني آهيان ۽ پاڪستاني پاسپورٽ جي لاءِ درخواست ڏيڻ منهنجو حق آهي. برطانوي ۽ پاڪستاني قانون جي مطابق مان ٻٺي شهريت رکڻ جو اهل آهيان. سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ شناختي ڪارڊ نائيڪوپ جي لاءِ مان ماضي ۾ به درخواست ڏيئي چڪو آهيان پر هر ڀيري منهنجي درخواست بغير ڪنهن وجه جي رڌ ڪئي وئي. مان حال ئي ۾ برطانيه ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن کي پنهنجي نائيڪوپ جي لاءِ درخواست ڏني ته ان وقت پاڪستان جا سابق هائي ڪمشنر به موجود هئا.مان قانوني تقاضا پورا ڪيا پر منهنجي درخواست ڪيترن ئي هفتن تائين پئي رهي ۽ جڏهن مان ان باري ۾ پچا ڳاچا ڪئي ته مون کي ڪوئي به خاطر خواھ جواب نه ڏنو ويو. جڏهن منهنجي جماعت جي چونڊيل ميمبرن ان حوالي سان معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ته متضاد جواب ڏنا ويا. آخر ۾ حڪومت اهو قبول ڪيو ته ان کي منهنجي درخواست ته ملي  هئي پر لاڳاپيل اداري وٽان ڊجيٽل مواد ضايع ٿي ويو آهي. پر اهو ٻڌائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي ته اها درخواست ضايع ڪيئن ٿي. مون کي هاڻي هڪ نئين درخواست جمع ڪرائڻي پوندي جنهن جي لاءِ برطانيه ۾ موجود پاڪستاني هائي ڪميشن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.پاڪستان منهنجو وطن آهي ۽ ڪراچي منهنجو شهر آهي جتي مان پيدا ٿيو آهيان. منهنجي خواهش آهي ته مان ڪراچي واپس وڃان پر ڇو ته حالات سازگار نه آهن منهنجي جماعت جا ميمبر به مون کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏيئي رهيا آهن، ظاهر آهي ته مان انهن ماڻهن کي تمام گهڻو ياد ڪريان ٿو جيڪي مون کي بغير ڪنهن لالچ جي سپورٽ ڪن ٿا. ايستائين جو انهن مان ڪيترائي ته اهڙا به آهن جن مون کي ذاتي طور تي ڏٺو به نه آهي .

سوال؛ اوهان موجوده وزير اعظم نواز شريف جي هن مهل تائين جي ڪارڪردگي کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا،ڇا اوهان جي خيال ۾ اهي پنهنجي انتخابي وعدي جن ۾ معاشي مسئلن جو حل، امن جو قيام، خارجه پاليسي ۾ تبديلي، ٽرانپيرنسي ۽ لوڊ شيڊنگ جو خاتمو شامل آهي، پورو ڪري سگهن ٿا، اوهان انهن کي ڪهڙو مشورو ڏيڻ چاهيو ٿا؟

جواب؛ ان باري ۾ ته قومي سطح تي اتفاق آهي ته نواز شريف جي حڪومت جيڪي زباني دعوٰي 2013 جي اليڪشن ۾ ڪيا هئا اها انهن کي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي حالت پهرين کان به خراب آهي. توانائي جي بحران جي ڪري صنعتي پيداوار بري طرح سان متاثر ٿي آهي. افراط زر جي شرع ۾ بي پناھ اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته بي روزگاري جي شرح به پنهنجي عروج تي آهي. ان جي باوجود اهم وزارتون اڃان تائين خالي پيون آهن. سڀني کان وڏو مسئلو جيڪو حڪومت حل ڪرڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي آهي. اهو آهي مذهبي انتها پسندي جي جن جو خاتمو. ان کان علاوه اها ڳالھ به وڏي واضع آهي ته نواز حڪومت انهن انتها پسندن کي جيڪي هزارين پاڪستاني فوجين ۽ معصوم شهرين جا قاتل آهن انهن کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ ڳالھ ٻولھ جي اهميت تي زور ڏيندي رهي آهي. انهن دهشت گردن ڪيترن ئي سالن ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. ان کان علاوه حڪومت دهشت گردي جي خلاف ڪائي به واضع پاليسي آڻڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پاڪستان جي معاشي ترتي ۽ خوشحالي جو دارومدار براھ راست ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ انتها پسندي جي روڪٿام ۾ آهي. جڏهن ته حڪومت ان مسئلي کي بري طرح سان نظرانداز ڪري رهي آهي. حڪومت ملڪ جي ننڍن صوبن جي معاشي ترقي ۾ به بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي. اها صرف پنجاب جي مخصوص علائقن تي توجه ڏيئي رهي آهي.مان حڪومت کي پنجاب جي ترقي ۽ اتي معاشي سرمائي ڪاري تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو پر ملڪ جي ٻين حصن کي محروم رکي ڪري صرف هڪ مخصوص علائقي يا صوبي جي ترقي جو خيال رکڻ حڪومت جي هڪ وڏي غلطي آهي. جيڪڏهن اهو عمل بغير ڪنهن احتساب جي جاري رهيو ته ان جي ڪري ٻين صوبن  ۽ قبائلي علائقن ۾ به سخت احساس محرومي پيدا ٿي سگهي ٿو.

سوال؛ برطانيه ۾ اوهان جي مقدمن جي ڇا صورتحال آهي ۽ ڇا اوهان هتان جي عدالتي نظام مان مطمئن آهيو؟

جواب؛ سڀ کان پهرين ته مان اهو چوڻ چاهيندس ته مان برطانيا جي عدالتي نظام جي تمام گهڻي عزت ڪريان ٿو،ڇو ته تفشيش اڃان جاري آهي ان ڪري مان ڪيسن جي حوالي سان ڪائي به رائي ڏيڻ کان قاصر آهيان. هڪ ڳالھ ته مان پوري يقين سان چئي سگهان ٿو اها ڳالھ هي آهي ته مان ڪٿي به ڪوئي به ڏوھ نه ڪيو آهي ۽ نه ڪوئي قانون ٽوڙيو آهي ۽ مان تمام الزامن جي مڪمل ترديد ڪريان ٿو. هڪ قانون پسند برطانوي شهري جي حيثيت سان اختيار رکندڙ ڌرين کي مان پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرايان ٿو ۽ اهو تعاون هميشه جاري رهندو.

سوال؛ ميڊيا ۾ ان طرح جون خبرون اچي رهيون آهن ته اوهان جي چر پر کي محدود ڪيو ويو آهي ۽ اوهان کي پابند ڪيو ويو آهي ته اوهان هر مهيني پوليس اسٽيشن ۾ وڃي ڪري حاضري ڏيندو،ڇا اهو درست آهي؟

جواب؛ جيئن جو اوهان ڄاڻو ٿا ته اهو معاملو اڃان تفتيشي مرحلي ۾ آهي ان جي ڪري مان ان تي پنهنجي رائي نه ڏيندس.

سوال؛ سڀني کان وڏي غلط فهمي ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڇا آهي ۽ اوهان ان کي ڪهڙي طرح ڏسو ٿا؟

جواب؛ جڏهن کان ايم ڪيو ايم قائم ٿي آهي ان وقت کان ئي ان تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ ان جي باري ۾ مختلف غلط فهميون پيدا ڪيون ويون. سڀني کان پهرين اسان کي هڪ لساني جماعت چيو ويو ان کان پوءِ هڪ عليحدگي پسند تحريڪ جو نالو ڏنو ويو. ايم ڪيو ايم تي هڪ نئون ملڪ جناح پور ٺاهڻ جو الزام لڳائي ڪري ان جي خلاف جون 1992 ۾ رياستي آپريشن ڪيو ويو. اسان ڪڏهن به عليحدگي پسند جماعت نه رهيا سين ۽ اسان انهن الزامن جي پرزور مذمت ڪريون ٿا. حقيقت ته اها آهي ته اسان جا ابا ڏاڏا پاڪستان جي بانين مان آهن. ڇو ته ايم ڪيو ايم ظلم ڪندڙ طبقي جي خلاف آهي ۽ اختيار رکندڙ ڌريون اسان تي الزام لڳائڻ ۾ ماهر آهن . پر اسان پنهنجي راھ کان هٽڻ وارا نه آهيون. ڇو ته ايم ڪيو ايم جو پيغام پاڪستان کي هڪ جديد جمهوري، ڪاروبار دوست ۽ ڪامياب ملڪ بڻائڻ آهي جتي هر ڪنهن کي معاشرتي انصاف، مذهبي آزادي ۽ هر طرح جا بنيادي انساني حق َ ملن. ايم ڪيو ايم پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ پهچائي ڪري پاڪستان جي موروثي سياست کي ڪمزور ڪري چڏيو آهي.

سوال؛ اوهان پاڪستان تحريڪ انصاف ، ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ چوڌري شجاعت جي احتجاج کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا. ڇا پاڪستان ۾ ڪوئي انقلاب پرورش پائي رهيو آهي؟

 جواب؛ هڪ ڳالھ ته يقيني آهي ته پاڪستان کي وڏن سڌارن جي گهرج آهي . پنهنجي تخليق کان وٺي ڪري  اڄ تائين ان ملڪ تي مختلف جاگيردارن، قبائلي سردارن، وچولي سياسي شخصيتن ۽ مراعات يافته طبقي جون حڪومتون قائم ٿينديون رهيون آهن جڏهن ته عام پاڪستاني غريب کان غريب تر ٿيندو پيو وڃي. وڌندڙ بدعنواني جي ڪري عام ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم ٿي رهيا آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي، اعلٰي تعليم، جديد اسپتال، بجلي ، گيس ۽ خوراڪ شهرن ۾ به دستياب نه آهي. انتخابي نظام به بدعنوان حڪومتي ماڻهن جي هٿن ۾ آهي. ان جي ڪري ڪنهن واضع تبديلي جا اثرَ ڪٿي به نظر نه اچي رهيا آهن. اليڪشن ئي جمهوريت جو واحد رستو نه آهي بلڪه بهتر نظام به جمهوري نظام جو بنيادي حصو آهي. جيڪو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اڄ تائين دستياب نه ٿي سگهيو آهي. عام پاڪستاني جن کي هن ملڪ جي بدعنوان سياسي نظام حڪومتي ايوانن کان ٻاهر رکيو آهي انهن کي به اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي ته جيئن عام پاڪستانين جي زندگي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان جي وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري سگهجي.جيستائين لفظ انقلاب جو تعلق آهي ته اهو منهنجي لاءِ وڏو انقلابي آهي پر منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ واقعي هڪ سچي سڌاري جي خواهش پرورش پائي رهي آهي.

11/23/2024 2:37:28 AM