Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي تجويزن تي عمل ڪري مسلمان ملڪن جو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر نصرت.


 Posted on: 7/15/2014
جناب الطاف حسين جي تجويزن تي عمل ڪري مسلمان ملڪن جو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر نصرت.

ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي زير اهتمام منعقد ڪيل افطار پارٽي کي خطاب.

ڪراچي؛ 15 جولائي 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم 6 جولائي تي  پاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو منعقد ڪري ثابت ڪري چڏيو آهي ته جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ملڪ جي دفاع ، استحڪام ۽ خودمختياري جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي زير اهتمام منعقد ڪيل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نصرت چيو ته گهڻن ئي مسلمان ملڪن ۾ فرقي واريت، تشدد ، قتل و غارتگري عام آهي ۽ نام نهاد اسلامي شريعت جي نفاذ جي نالي تي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڪري اسلامي تشخص کي نقصان پهچايو پيو وڃي. انهن چيو ته پاڪستان سميت تمام مسلمان ملڪن جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انهن جي حالت زار جي متعلق جيڪي حقيقت پسندانه ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي عمل ڪري  انهن مان فرقي واريت ، تشدد، نفرت ۽ قتل غارتگري کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ محبتون پيدا ڪري مسلمان ملڪن کي انهن جو وڃايل  مقام ڏياري سگهجي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب ڪري رهي آهي ۽ انهن جي ٺڪاڻڻ جو خاتمو ڪري رهي آهي اهو پاڪ فوج جي صلاحيتن جو هڪ واضع ثبوت آهي. انهن افطار پارٽين جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي رمضان شريف ۾ غريبن ۽ مسڪينن کي نه وسارين ۽ زڪوات ۽ فطري جا عطيات ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين. افطار پارٽين کي رابطا ڪميٽي ميمبرن امين الحق ۽ عادل صديقي به خطاب ڪيو. ان موقعي تي حق پرست ميمبر سيف الدين خالد۽ محمد حسين به موجود هئا.


5/17/2024 12:02:59 AM