بٽگرام ۾ گاڏي کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مسافرن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 15 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بٽگرام ۾ گاڏي کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مسافرن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين