اردو جي معروف شاعره محترمه پروين حيدر جي نوجوان پٽ جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 14 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اردو جي معروف شاعره محترمه پروين حيدر جي نوجوان پٽ ريحان حيدر جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.