ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب جي وفد سان گڏجي حضرت سچل سرمست جي 29 هين سالانه عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت.
ڪراچي؛ 14 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست صوبائي وزير اوقاف عبدالحسيب وفد سان گڏجي حضرت سچل سرمست جي 29 هين سالانه عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو ميمبر فرزند علي شاھ، ايس ٽي سي ميمبر قطب الدين، خيرپور زونل انچارج فتح رند ۽ ٻيا به شامل هئا. ان موقعي تي عبدالحسيب قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان حضرت سچل سرمست جي مزار تي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي.انهن عرس تي لڳل مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود زائرين سان عرس جي متعلق ڄاڻ به ورتي. جڏهن ته جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪنهن به هنگامي صورتحال کان وقت تي نڀرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم زون جي طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ به قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي طبي معائني جي سهولت موجود آهي