Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستاني صحافي فيض الله خان کي افغان عدالت جي طرفان چار سال قيد جي سزا ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو افغان صدر حامد ڪرزئي جي نالي خط.


 Posted on: 7/14/2014
پاڪستاني صحافي فيض الله خان کي افغان عدالت جي طرفان چار سال قيد جي سزا ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو افغان صدر حامد ڪرزئي جي نالي خط.

فيض الله خان کي ڏنل سزا تي انساني همدردي جي بنياد تي نظرثاني ڪئي وڃي. انهن جي فوري رهائي ۽ حفاظت سان پاڪستان واپسي جي لاءِ قدمَ کنيا وڃن.صدر حامد ڪرزئي کي جناب الطاف حسين جي اپيل.

لنڊن؛ 14 جولائي 2014

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستاني صحافي فيض الله خان کي افغان عدالت جي طرفان چار سال قيد جي سزا ڏيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان صدر حامد ڪرزئي جي نالي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ انهن افغان صدر کي اپيل ڪئي آهي ته فيض الله خان کي ڏنل سزا تي انساني همدردي جي بنياد تي نظرثاني ڪندي انهن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ خط ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ميڊيا تي ايندڙ رپورٽن جي مطابق فيض الله خان هڪ صحافي آهن ۽ پنهنجن فرضن جي ادائگي جي سلسلي ۾ قبائلي علائقن ۾ ويا هئا ۽ غلطي سان افغان سرحد عبور ڪري ويا. انهن افغان صدر حامد ڪرزئي کي اپيل ڪئي ته انساني همدردي جي بنياد تي فيض الله خان کي ڏنل سزا تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ انهن جي سزا کي ختم ڪري انهن جي حفاظت سان واپسي کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حڪومت پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته اها فيض الله خان جي سزا جي خاتمي ۽ پاڪستان واپسي جي لاءِ سفارتي سطح تي هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن. انهن فيض الله خان جي گهر وارن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو

5/16/2024 11:33:54 PM