رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ چاپن تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
حيدر بيگ، عبدالرحمٰن ۽ هارون جي جانين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ڪراچي؛ 12 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي سيڪٽر يونٽ 140 _اي جي يونٽ انچارج حيدر بيگ ، برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ هارون جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتاري ۽ چاپن جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم نيو ڪراچي جي يونٽ انچارج حيدر بيگ کي نيوڪراچي ۾ انهن جي گهر کان رينجر گرفتار ڪيو، جڏهن ته برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ هارون جي گرفتاري فريسڪو چوڪ جي ويجهو عمل ۾ آئي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي ۽ حراست جي دوران ڪارڪنن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل سجاد غني کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن جي زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي