Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيوز ويڪ جي تازه شماري جي طلب ۾ تمام گهڻو اضافو.


 Posted on: 7/10/2014
نيوز ويڪ جي تازه شماري جي طلب ۾ تمام گهڻو اضافو.
نيوز ويڪ جي تازه شماري ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو انٽرويو پڙهڻ جي لاءِ ماڻهو وڏي تعداد ۾ نيوز اسٽالن تي اچي رهيا آهن، دستياب نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهن کي مايوسي جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي.ايم ڪيو ايم ڊپٽي ڪنوينر لنڊن نديم نصرت.
شماري جون وڌيڪ ڪاپيون بڪ اسٽالن تي جلد دستياب ٿينديون.نديم نصرت.
لنڊن؛ 10 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت انهن تمام ماڻهن سان معذرت ڪئي آهي جيڪي گذريل ٻن ڏينهن کان نيوز ويڪ جو تازو شمارو خريد ڪرڻ جي لاءِ مختلف بڪ اسٽالن جا چڪر لڳائي رهيا آهن پر ميگزين دستياب نه ٿيڻ جي ڪري انهن کي مايوسي جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي.انهن چيو ته اسان کي مسلسل اهي رپورٽون ملي رهيون آهن ته نيوز ويڪ جي تازه شماري ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو انٽرويو پڙهڻ جي لاءِ عوام وڏي تعداد ۾ نيوز اسٽالن جو رخ ڪري رهيا آهن پر تمام گهڻي طلب هجڻ جي ڪري اهو شمارو پهرين ئي وڪامجي چڪو آهي. انهن چيو ته نيوز ويڪ جي انتظاميه سان اسان جو مسلسل رابطو آهي ۽ اسان انهن کي وڌيڪ ڪاپيون دڪانن تي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اميد آهي ته جلد ئي ان شماري جون وڌيڪ ڪاپيون بڪ اسٽالن تي دستياب هونديون. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي صبر ڪن ۽ پنهنجي ويجهي بڪ اسٽالن سان رابطي ۾ رهن.

5/17/2024 12:02:32 AM