Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محروم عوام جي ڀلائي جي لاءِ جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ ڪنهن سياسي جماعت ڪم ڪيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/9/2014 1
محروم عوام جي ڀلائي جي لاءِ جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ  ڪنهن سياسي جماعت ڪم ڪيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي فلاحي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ ۽ انهن کي ساراهڻ جي بجاءِ اسٽيٽس ڪو جي قوتن ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا.
ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، چونڊيل نمائندن ۽ تمام شعبن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو فرض آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اميج کي بهتر بڻائڻ ۽ ان جي پيغام، انقلابي منشور ۽ فلاحي ڪارنامن کان دنيا کي آگاھ ڪن.
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ تمام شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 9 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جي عوام جي بغير ڪنهن رنگ و نسل، زبان ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ جنهن وڏي پيماني تي خدمت ڪئي آهي، انهن فلاحي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ ۽ انهن کي ساراهڻ جي بجاءِاسٽيٽس ڪو جي قوتن ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف طرح طرح جا منفي پروفيگنڊا ڪيا. ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، چونڊيل نمائندن ۽ تمام شعبن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو فرض آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ان جي پيغام، انقلابي منشور ،عوامي خدمتن ۽ فلاحي ڪارنامن کان دنيا کي آگاھ ڪن. اها ڳالھ انهن اربع جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ تمام شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستي جي نظريي ۽ حقيقت و عمليت پسندي جي فڪر و فلسفي جي فروغ جي تاريخي جدوجهد جو آغاز اي پي ايم ايس او جي قيام  يعني 11 جون 1978 کان شروع ٿيو ، اها شاگرد تنظيم آزمائشن کي منهن ڏيندي اڳتي وڌندي رهي ۽ ان 18 مارچ 1984 تي هڪ سياسي جماعت مهاجر قومي موومينٽ کي جنم ڏنو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ وچولي طبقي جي قيادت کي ايوانن ۾ متعارف ڪرايو ۽ اها سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي اميد جو مرڪز بڻجي وئي.ايم ڪيو ايم جي نظريي ۽ فڪر و فلسفي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ غريب ۽ مظلوم ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ 26 جولائي 1997 تي متحده قومي موومينٽ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو ۽ اڄ ايم ڪيو ايم غريبن ۽ مظلومن جي دلين جي ڌڙڪڻ بڻجي چڪي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي 35 ساله جدوجهد جي دوران  ڏکايل انسانيت جي وڌي چڙهي ڪري خدمت ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم 2005 ۾ آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواھ ۾ ايندڙ قيامت خيز زلزلي  جي موقعي تي ڪيترن مهينن تائين متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. اتي ميڊيڪل ۽ امدادي ڪيمپون قائم ويو. ايم ڪيو ايم غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي سينيٽ ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ موڪليو،اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ وارين قوتن ايم ڪيو ايم کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو، هزارين ڪارڪنن کي شهيد و زخمي ڪيو ويو پر انهن ظلمن جو به اڄ تائين ذڪر نه ڪيو ويو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن سڀني پروفيگنڊن ۽ ظلمن جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن جماعت غريبن ۽ وچولي طبقي جي خدمت ڪئي آهي ته اها متحده قومي موومينٽ آهي.انهن فرمايو ته پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ بين الاقوامي ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي عوامي خدمتن جو ڪوئي به اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي، بلڪه ان جي بجاءِ اسٽيٽس ڪو جي قوتن جي طرفان هڪ سازش جي تحت ايم  ڪيو ايم جو اهڙو اميج بگاڙيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف اهڙو منفي پروفيگنڊو ڪيو ويو آهي جو ايم ڪيو ايم جو نالو ٻڌنڌي ئي ان جي خلاف منفي تاثر قائم ٿي وڃي ٿو.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي عوامي خدمتن کي نه ٿو ساراهيو وڃي ته ان ۾ صرف ايم ڪيو ايم مخالف قوتون ئي قصوروار نه آهن بلڪه ان ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي ڪوتاهين جو به دخل آهي. انهن کي جنهن انداز ۾ ايم ڪيو ايم جو مقدمو دنيا ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪيو ويو.ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ايم ڪيو ايم جا مثبت ڪمَ ۽ فلاحي ڪارناما پوئتي هليا ويا ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊن جي ڪري ان جو منفي اميج اڀري ڪري سامهون ايندو رهيو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي اها وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ان جي پيغام، انقلابي منشور ۽ عوامي خدمتن جي ڪارنامن کان دنيا کي آگاھ ڪن. ايم ڪيو ايم لساني ۽ ثقافتي هم آهنگي، مسلڪي، فرقي وارانه ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ به جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن دنيا کي ان کان آگاھ ڪيو وڃي ، انهن فرمايو ته ٻين جماعتن ۾ افطار پارٽين ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن ۾ وڏي پيماني تي لٽ مار ۽ بدنظمي ٿئي ٿي پر 6 جولائي تي ڪراچي ۾ جناح پارڪ ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ ڏيڍھ لک کان وڌيڪ ماڻهن افطار ڪئي پر ڪنهن به قسم جي بدنظمي نه ٿي ايم ڪيو ايم جي ان نظم و ضبط کي ساراهڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ صرف قائد يا رابطا ڪميٽي جو ئي فرض نه آهي بلڪه ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ شعبي جي ذميوار ۽ ڪارڪن جو فرض آهي. اهي پنهنجين تحريرن ۽ سوشل ميڊيا ڪيون. بلوچستان يا سنڌ جي علائقي ٿر ۾ ڏکار هجي يا ٻيا حادثا هجن هر ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم پيش پيش رهي آهي.انهن فرمايو ته اها ڳالھ قابل غور آهي ته ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ جي لاءِ 35 سالن کان ان تي طرح طرح جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا ۽ پروپيگنڊا ڪيا ويا، ڪڏهن ايم ڪيو ايم کي بي دين جماعت قرار ڏنو ويو ، ڪڏهن ان تي غير ملڪي طاقتن جو ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳايو ويو ته ڪڏهن وري عليحدگي پسند جماعت قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪڏهن وري ڀتا خوري جا الزام لڳايا ويا. ايم ڪيو ايم کي سنڌين، پنجابين، بلوچن،پختونن ۽ ٻين قومن جودشمن ثابت ڪرڻ جي لاءِ ان تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا. پر ايم ڪيو ايم جي خلق خدا جي  خدمتن جو ڪڏهن به تذڪرو نه ڪيو جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي پيغام کي عوام تائين پهچائين. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته ماضي وانگر تنظيمي امتحانن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو وڃي. انهن شعبن جي ميمبرن کي فرمايو ته اهي ڪتاب سفر زندگي جو مطالعو ڪن ته جيئن تحريڪ جي ابتدائي جدوجهد کان آگاهي حاصل ٿي سگهي. انهن تمام شعبن ۽ ڪميٽين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو.



5/17/2024 12:03:05 AM