Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام بين الاقوامي رسالي( نيوز ويڪ) ۾ جناب الطاف حسين جي خصوصي انٽرويو جي رونمائي. بين الاقوامي رسالي جي خصوصي ايڊيشن جي مٿين صفحي تي (دي رائيٽ مين الطاف حسين) واضع لفظن ۾ لکيل آهي ۽ جناب الطاف حسين جي تازه تصوير به شايع ڪئي وئي آهي.


 Posted on: 7/9/2014 1
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام بين الاقوامي رسالي( نيوز ويڪ) ۾ جناب الطاف حسين جي خصوصي انٽرويو جي رونمائي.
بين الاقوامي رسالي جي خصوصي ايڊيشن جي مٿين صفحي تي (دي رائيٽ مين الطاف حسين) واضع لفظن ۾ لکيل آهي ۽ جناب الطاف حسين جي تازه تصوير به شايع ڪئي وئي آهي.
ملڪ تي قابض 2 سيڪڙي مراعات يافته طبقي هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته جناب الطاف حسين جون تعليمات ملڪ جي غريب ۽ بي وس ماڻهن تائين پهچي نه سگهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 9 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪراچي پريس ڪلب ۾ جناب الطاف حسين جي بين الاقوامي رسالي نيوز ويڪ ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو جي خصوصي ايڊيشن جي رونمائي ڪئي وئي. ان رسالي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو شايع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان رسالي جي مٿين صفحي تي جناب الطاف حسين جي تازه تصوير به شايع ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد امين الحق، احمد سليم صديقي ۽ ميان عتيق سينيئر صحافين ، ليکڪن ۽ تجزيه نگارن کي رسالي جون اعزازي ڪاپيون به پيش ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن رسالي ۾ جناب الطاف حسين جي انٽرويو جي اشاعت ثابت ڪري چڏيو آهي ته ملڪي ئي نه بلڪه بين الاقوامي سطح تي به جناب الطاف حسين جو نظريه حق پرستي ۽ انهن جو پيغام ڦيلجي رهيو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي ان انٽرويو ۾ پاڪستان کي پيش آيل مسئلن ۽ چيلنجن جو نه صرف ذڪر ڪيو آهي بلڪه انهن مسئلن جو حل به ٻڌايو آهي . ان موقعي تي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ محمود شام، سينيئر تجزيه نگار آغا مسعود، مقتدا منصور، سرور جاويد، پاڪستان فيڊريشن يونين آف جرنلٽس جو سيڪريٽري جنرل امين يوسف ۽ ٻين صحافين جي به وڏي تعداد موجود هئي.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ملڪ تي قابض ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي هميشه ايم ڪيو ايم کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن جناب الطاف حسين جون تعليمات عوام تائين پهچي نه سگهن.انهن چيو ته جناب الطاف حسين انتها پسندي ۽ دهشت گردي ۽ سول و ملٽري تعلقات سميت ملڪ کي پيش آيل ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ انهن جو حل به ٻڌايو آهي. ڳالھ ٻولھ جي آخر ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال ۽ ٻين سينيئر تجزيه نگارن، ليکڪن ۽ ڪراچي پيس ڪلب جي انتظاميه ۾ رسالي جون اعزازي ڪاپيون تقسيم ڪيون ۽ صحافين جي آمد تي انهن جو شڪريو به ادا ڪيو

5/17/2024 12:03:32 AM