Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قيام پاڪستان جي تحريڪ ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ناقابل فراموش آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/9/2014 1
قيام پاڪستان جي تحريڪ ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ناقابل فراموش آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فاطمه جناح قائد اعظم سان گڏجي ڪري جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد جي خاطر انهن پنهنجين خواهشن کي قربان ڪري چڏيو.
محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ۽ انهن جي عملي جدوجهد هڪ مشعل راھ جي حيثيت رکي ٿي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 9 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ تحريڪ پاڪستان جي عظيم رهنما، مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 47 هين ورسي جي موقعي تي انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته پاڪستان جي تحريڪ ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ناقابل فراموش آهي. انهن قائد اعظم سان گڏجي ڪري جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد جي خاطر انهن پنهنجين خواهشن کي قربان ڪري چڏيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ به جڏهن ملڪ ۾ جنرل ايوب خان مارشل لا نافذ ڪيو ته انهن ميدان ۾ اچي ڪري ان فوجي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي. آمريت جي خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ان وقت جي حڪمرانن محترمه فاطمه جناح جهڙي شخصيت تي شرمناڪ الزام لڳايا پر انهن پاڪستان جي عوام جي خاطر الزامن جي پرواھ نه ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ۽ انهن جي عملي جدوجهد هڪ مشعل راھ جي حيثيت رکي ٿي. انهن جي جدوجهد سان عورتن کي پيغام ملي ٿو ته جيڪڏهن عورتون چاهين ته ڪنهن به جدوجهد ۾ اهي ڪنهن کان به پوئتي رهي نه ٿيون سگهن.انهن محترمه فاطمه جناح کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن جي قربانين کي قبول فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.

5/16/2024 8:13:01 PM