اسلام آباد ۾ ڪراچي ڪمپني بازار جي ويجهو هوٽل ۾ گيس سلنڊر جي ڦاٽڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 8 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ميان عتيق اسلام آباد ۾ ڪراچي ڪمپني بازار جي ويجهو هوٽل ۾ گيس سلنڊر جي ڦاٽڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ ميان عتيق چيو ته سڄي ملڪ ۾ غير معياري گيس سليندرن جي ڦاٽڻ جي ڪري ڪيترا ئي حادثا ٿي چڪا آهن جن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو قيمتي جانين کان هٿ ڌوئي چڪا آهن. انهن مطالبو ڪيو ته غير معياري سلنڊرن جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن قيمتي انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.انهن زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.