Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج سان يڪجهتي جي تاريخي جلسي پاڪستان جي فتح ۽ دهشت گردن جي شڪست جو اعلان ڪري چڏيو آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.


 Posted on: 7/8/2014 1
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي تاريخي جلسي پاڪستان جي فتح ۽ دهشت گردن جي شڪست جو اعلان ڪري چڏيو آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
شڪاگو؛ 8 جولائي 2014
            ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي ، جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ۽ نديم صديقي سميت سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن جلسي جي ڪاميابي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ پوري پاڪستاني قوم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته جلسي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل تي پوري قوم ميدان ۾ اچي پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي  دهشت گردن جي مڪمل خاتمي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پوري قوم ۾ دهشت گردي جي خلاف اهڙو قومي جذبو بيدار ڪري چڏيو آهي جو هاڻي هر پاڪستاني وطن جو سپاهي بڻجي ڪري پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وطن جي بقا جي لاءِ جان ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا چيو ته مزار قائد جي پاچي هيٺان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي تاريخي جلسي پوري قوم کي ان واعدي جي تجديد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي دهشت گردن ۽ مذهبي انتها پسندن جي هٿان ڪنهن به صورت يرغمال بڻجڻ نه ڏينداسين. آخر ۾ انهن جلسي جا شاندار انتظامَ ڪرڻ تي مبارڪباد به پيش ڪئي.


5/16/2024 6:54:14 PM