Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي تمام سياسي ، مذهبي، صحافتي ۽ واپاري تنظيمن جي ذميوارن ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ عوام سان تشڪر جو اظهار.


 Posted on: 7/8/2014 1
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي تمام سياسي ، مذهبي، صحافتي ۽ واپاري تنظيمن جي ذميوارن ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ عوام سان تشڪر جو اظهار.
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي بي مثال ڪاميابي جي مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿي ملي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 8 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي تمام سياسي ، مذهبي، صحافتي ۽ واپاري تنظيمن ، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ عوام جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ عوام روزي جي حالت ۾ گرمي جي باوجود لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان يڪجهتي جي هڪ عظيم مثال قائم ڪري چڏي آهي ۽ ان جي مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿي ملي. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين جي اپيل تي بزرگن، ٻارڙن، نوجوانن، عورتن ايستائين جو معذورن به روزي جي حالت ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان تي ملڪ جي محب وطن عوام کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ حق پرست عوام ۽ مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن ۽ عوام پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ثابت ڪري چڏيو آهي ته پاڪ فوج جنگ ۾ اڪيلي نه آهي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي قوم جي ان اتحاد کي هميشه قائم رکي، اسان جي اختلافن کي دور فرمائي ۽ دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪ فوج کي ڪاميابي عطا فرمائي ته جيئن پاڪستان جي آئنده نسلن جي لاءِ خوشحال ، روشن ۽ پرامن ملڪ بڻائي سگهجي.


5/16/2024 8:12:57 PM