Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بزرگ سياسي رهنما معراج محمد خان جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ


 Posted on: 7/8/2014 1
بزرگ سياسي رهنما معراج محمد خان جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
انهن پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تاريخي جلسي جي ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛ 8 جولائي 2014
          بزرگ سياسي رهنما معراج محمد خان متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين کي فون ڪري جناح پارڪ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي تاريخي ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي . جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي معراج محمد خان جلسي جي انتظامن کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان شاندار جلسي جي انعقاد تي ايم ڪيو ايم جي قيادت ۽ ان جا تمام ڪارڪنَ زبردست مبارڪباد جا مستحق آهن. انهن جناب الطاف حسين جي تقرير کي به ساراهيو. جناب الطاف حسين علالت جي باوجود جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي معراج محمد خان جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبانائزيشن ۽ دهشت گردي ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو آهي ۽ هن وقت تمام سياسي و مذهبي جماعتن ۽ رهنمائن کي ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ هڪ آواز ٿي ڪري پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.معراج محمد خان چيو ته طالبانائزيشن جي مسئلي تي اوهان سڀني کان پهرين آواز اٿاري ۽ دهشت گردي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ هڪ قومي رهنما هجڻ جو عملي ثبوت ڏنو. معراج محمد خان جناب الطاف حسين جي ڳالھ سان مڪمل اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ملڪ کي دهشت گردي جي لعنت کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي .

5/16/2024 9:42:18 PM