Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

کرو سچ تحرير؛ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/7/2014 1
کرو سچ
تحرير؛ جناب الطاف حسين.
       انساني تاريخ گواھ آهي ته مختلف وقتن ۾ مذهبي شخصيتن، فلاسفرن، سائنسدانن، ليکڪن ۽ ڏاهن مختلف معاملن تي نوان نوان نظريا ۽ خيال پيش ڪيا. انهن فڪرن ۽ خيالن سان لائيبرريون ڀريون پيون آهن ۽ ايتري قدر مواد موجود آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ ماڻهن جي ذهن ۾ اهو خيال به پيدا ٿيڻ لڳي ٿو ته شايد انسان زندگي جي هر شعبي جي متعلق هر سوال جو فڪري ۽ نظرياتي جواب ڳولي ورتو آهي. پر حقيقت ۾ اها ئي انسان جي ڀُل آهي. جتي انسان جي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيڻ لڳي ٿو ته اُهو علم جي تڪميل ڪري چڪو آهي، پر اتان ئي اهو رستو وساري ۽ گمراھ ٿي ڪري منزل کان دور هليو وڃي ٿو ۽ اونڌاهين جي رڻ ۾ وڃائجي وڃي ٿو، ڇو ته علم لامحدود آهي....علم جي ڪائي به حد مقرر نه هوندي آهي. انسان نه ٿو سوچي ته هن وقت اهو جنهن نتيجي تي پهتو آهي ان کي نظر۾ رکندي ان کي غور و فڪر جو عمل چڏي ڏيڻ گهرجي يا پنهنجي اصلاح ڪري، پر اهو ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته علم جي تڪميل مرڻ گهڙي تائين به ٿي نه ٿي سگهي.
           هڪ طرف علم آهي جيڪو لامحدود آهي جڏهن ته ٻئي طرف انساني طاقت آهي جنهن جي واضع طور تي هڪ حد مقرر آهي. لامحدود طاقت صرف الله تعالٰي وٽ ئي آهي. جيڪو انسان فيصلو ڪندي وقت عقل ، انساني ڪمزوري ۽ انساني تاريخ کي نظر انداز ڪري طاقت يا وڏائي ۾ اچي ڪري فيصلا ڪن ٿا. اهي پنهنجي طور تي انهن فيصلن کي درست سمجهن ٿا ۽ اهو نه ٿا سوچين ته ان جا نتيجا اڳتي هلي ڪري ڪهڙا نڪرندا. جڏهن آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن گڏيل طور تي وڏي پيماني تي تباهي ڦيلائڻ وارن هٿيارن جي ڳولا ڪرڻ جي بهاني عراق تي يلغار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو حالانڪه ڳولا ڪرڻ وارين پوري دنيا جي ٽيمن پنهنجن پنهنجن ملڪن ۽ بين الاقوامي ٿنڪ ٽينڪس کي اها رپورٽ ڏيئي چڏي هئي ته انهن عراق جي ڪنڊ ڪنڊ جي تلاشي ورتي آهي پر انهن کي ڪٿي  به وڏي پيماني تي تباهي ڦيلائڻ وارا هٿيار نظر نه آيا آهن،ان جي باوجود آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جڏهن عراق تي حملي جو فيصلو ڪري ئي ورتو ته ان تي مان سوچ ۾ مبتلا رهڻ لڳس ايستائين جو ڪجھ ڏينهن جي لاءِ مان تحريڪي ڪمن کان به پاڻ کي الڳ ڪري گهر ۾ ويهي رهيس ۽ انهي تي غور و فڪر ڪندو رهيس ته اهو ڇا پيو ٿيڻ وڃي؟ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ۽ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ پوءِ مان همت ڪري آفيس آيم ۽ انهي موضوع تي ليڪچر ۽ بحث مباحثا شروع ڪري ڏنا.ان دوران منهنجي زبان مان بي اختيار اهو جملو نڪتو ته جيڪڏهن آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ته اها تاريخ جي وڏين غلطين مان هڪ وڏي غلطي هوندي . ڇو ته سوويت يونين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ ۾ سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ آمريڪا دنيا جو واحد سپرپاور بڻجي چڪو هو ۽ انساني فطرت جي تحت بي پناھ طاقت انسان جي سٺي سوچ جي صلاحيت کي مفلوج ڪري چڏي ٿي ۽ ان کي هڪ خيالي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي . جنهن جو حقيقت جي دنيا ۽ ان جي سچائي سان ڪوئي به تعلق نه هوندو آهي. جيستايئن اسان جي ڄاڻ ،ڪامل يقين ۽ علم جو تعلق آهي ته تمام تر طاقتن جو سرچشمو الله تعالٰي جي ذات مبارڪ آهي ۽ انهي ذات مبارڪ کي اسان قادرمطلق(مڪمل طاقت رکندڙ) مڃون ٿا. سپرپاور ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ به ٿي سگهن ٿا پر منهنجي نظر ۾ قادر مطلق ذات مبارڪ هڪ کان وڌيڪ ٿي نه ٿي سگهي. مان تحريڪ جي بنياد رکڻ کان پوءِابتدا کان ئي مختلف موضوعن تي فڪري نشستون وٺندو هيس. مان سوويت يونين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي دوران چڱي نموني اندازو لڳائي ورتو هو ته ان جو اختتام جنگ تي ٿيندو ۽ ان جا اثرَ صرف ان پرڳڻي تي ئي نه بلڪه ان پرڳڻي جي ويجهڙائي وارن علائقن تي به پئجي سگهن ٿا بلڪه پوري دنيا به ان جي اثرن کان محفوظ رهي نه سگهندي. اڄ منهنجا تجزيه ۽ خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن . اهڙي طرح جڏهن مان عراق ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪٿاڻ جو جائزو ورتو ته وڏي غور و فڪر کان پوءِ مسلسل انٽرنيشنل سيڪيٽريٽ  لنڊن ۾ بيشمار ليڪچر ڏنا جن ۾ مان واضع طور تي چيو ته ڪوئي جواز ملي يا نه ملي ، ڪوئي ثبوت ملي يا نه ملي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين فيصلو ڪري ورتو آهي ته عراق تي حملو ڪرڻو آهي ۽ صرف حملو ئي نه آهي ڪرڻو بلڪه عراق جي اهم تنصيبات کان وٺي ڪري پوري عراق تي قبضو به ڪرڻو آهي. هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانَ ۽ سڄي دنيا جا چوٽي جا مفتي اهو منظر ڏسي ان عمل کي يعني آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي ناجائز عمل کي ڏسي  ڪجھ به نه ڪندا. عرب ليگ ۽ او آئي سي يعني آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ملڪَ روايت جي مطابق ٻن چئن اجلاسن جا ڊراما ڪري خانه پوري ڪندا ،سو انهن ائين ئي ڪيو.منهنجين فڪري نشستن ۾ شرڪت ڪندڙ ساٿين کي ياد هوندو يا انهن وٽ تحريري طور تي به موجود هوندو ته مان اها به نشاندهي ڪئي هئي ته اها جنگ آهستي آهستي تمام مسلمان ملڪن ۾ پکڙبي ۽ اتان جي حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويندو. جيڪا خدا خير ڪري ٽئين جنگ عظيم جو پيش خيمو به ثابت ٿي سگهي ٿي . ان حوالي سان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ريڪارڊ تي منهنجا اهي بيان موجود آهن. ان وقت منهنجو مذاق اڏائڻ وارن منهنجو وڏو مذاق اڏايو، پر مان انهن تي توجه ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪم تي توجه مرڪوز رکي. اڄ عراق، شام، مصر، لبيا، تيونس، فلسطين، لبنان، اردن، صوماليه، نائيجيريا، افغانستان ۽ يمن ۾ جيڪا صورتحال آهي اتي جهڙي طرح خانه جنگي ٿي رهي آهي اها سڀني جي سامهون آهي ۽ ان ۾ اسان جي لاءِ تمام گهڻو سبق موجود آهي.انهن ملڪن جي صورتحال منهنجي خدشن کي درست ثابت ڪري چڏيو ۽ اڄ مون کي اهو ڄاڻي ڪري خوشي ٿي آهي ته آمريڪا جي وزير خارجه جان ڪيري عراق ۾ آمريڪا جي جنگ جي غلطي کي ببانگ دهل اهو چئي ڪري تسليم ڪيو ته عراق جنگ آمريڪا جي هڪ وڏي غلطي هئي جنهن جو نتيجو اسان اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون. پوري دنيا تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي سوچ جي نتيجي ۾ هن مهل تائين لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن لکين دربدر۽ تباھ و برباد آهن، هرهنڌ انساني الميا جنم وٺي رهيا آهن. دنيا جو اربن ۽ کربن جو نقصان ٿي چڪو آهي پر بدقسمتي سان ان تباهي ۽ بربادي مان ڪوئي به سبق حاصل نه ڪيو ويو ۽ اڄ به پوري دنيا تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھ ڪيو پيو وڃي ان جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. اهڙي طرح جڏهن مان پاڪستان جي عوام خصوصن ڪراچي جي ماڻهن جي سامهون انهن خدشن جو اظهار ڪيو هڪ ڀيرو نه بلڪه هزار بار ڪيو ته اوهان هوش ۾ اچي وڃو نه ته طالبان پوري پاڪستان ۽ ڪراچي تي قبضو ڪري وٺندا پر ان وقت به مذاق اڏائڻ وارن منهنجو مذاق اڏايو . مان انهن سڀني جي ڳالهين کي ٻڌندو رهيس ۽ ڪاوڙ ۾ اچڻ جي بجاءِ پنهنجن تجزين تي قائم رهيس، اڄ اهي ئي ماڻهو جيڪي منهنجين ڳالهين جو مذاق اڏائيندا هئا اڄ اهي منهنجن ساٿين ۽ مون کان پچن ٿا ته الطاف ڀاءُ هاڻي ته اهو زهر ڦيلجي چڪو آهي هاڻي ان مان ڪيئن جان چڏائي وڃي؟ ٻئي طرف هڪ طبقو طالبان جو حامي ۽ مددگار هو جنهن پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ طالبان جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ کان ڪم ورتو ۽ طالبان کي پوري ملڪ ۾ ڦيلجڻ، طاقت جمع ڪرڻ، منظم ٿيڻ ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جو پورو موقعو فراهم ڪيو، ان جو انجام به پاڪستان جي ٻچي ٻچي ڏسي ورتو آهي. پاڪستان جا وڏا وڏا سلامتي جا ادارا جتي پکي به پَر نه ٿو هڻي سگهي. اتي طالبان حملو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. ملڪ کي معاشي طور تي اربن ۽ کربن جو نقصان ٿيو، هزارين جانيون ضائع ٿيون ،هزارين پاڪستاني زخمي ٿيا ۽ معذور ٿيا. آخر ڪار فوج دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪري چڏيو آهي ، الله تعالٰي ان کي ڪامياب ڪري. ڪاش اڄ کان ڪجھ سال اڳ ئي منهنجين ڳالهين تي عمل ڪيو وڃي ها ته جيترو پاڪستان جو نقصان ٿيو آهي اهو نه ٿئي ها. بحرحال دير آيد درست آيد....هاڻي هن وقت فوج ايمان جي جذبي سان سرشار ٿي ڪري بهادر جرنلن جي قيادت ۾طالبان دهشت گردن سان مقابلو ڪري رهي آهي ته هر هڪ سچي پاڪستاني جو فرض آهي ته اهو فوج جي مخالفت ڪرڻ جي بجاءِ اڳتي وڌي ڪري زباني نه بلڪه عملي طور تي فوج جو ساٿ ڏي. پوري قوم فوج سان  ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيهي. انشاء الله تعالٰي هاڻي به پاڪستان کي طالبان کان هميشه هميشه جي لاءِ پاڪ ڪرائي سگهجي ٿو. اهو ئي وقت آهي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي ته اهو هاڻي ئي ڪرڻو آهي ، پر جيڪڏهن وري دير ڪري چڏي ته خدا خير ڪري پوءِ سواءِ افسوس جي ڪجھ به نه بچندو.

5/16/2024 11:33:09 PM