Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر افتخار اڪبر رنڌاوا جي طرفان ايچي سن ڪاليج ۾ ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ تي پنجاب جي گورنر کي خراج تحسين پيش.


 Posted on: 7/7/2014 1
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر افتخار اڪبر رنڌاوا جي   طرفان ايچي سن ڪاليج ۾ ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ تي پنجاب جي گورنر کي خراج تحسين پيش.
ڪراچي؛ 7 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر افتخار اڪبررنڌاوا ايچي سن ڪاليج ۾ ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪوٽا سسٽم جي خاتمي سان قابل  ۽ مڊل ڪلاس جي محنتي ٻارڙن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو. انهن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ڪوٽا سسٽم جو فائدو کڻي ڪري نا اهل ماڻهن کي وڏن عهدن تي فائز ڪيو وڃي ٿو.جنهن سان ملڪ جو نظام ناڪاره ٿي ڪري رهجي ويو آهي. انهن چيو ته پنجاب جي گورنر جي ان مثبت قدم سان نااهل ماڻهن جي حوصله شڪني ٿيندي ۽ ملڪ ۾ اهل ماڻهن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان اسان ملڪ ۾ ميرٽ کي فروغ ڏيئي ڪري آئنده نسلن جي لاءِ خوشحال ملڪ بڻائي سگهنداسين.


5/16/2024 8:52:49 PM