Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ تاريخي جلسو منعقد ڪري سياست ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/7/2014 1
ايم ڪيو ايم رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ تاريخي جلسو منعقد ڪري سياست ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تاريخي جلسو منقعد ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ زبردست شاباش ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن.
ڪجھ ماڻهن جو خيال هو ته رمضان شريف ۾ جلسو ڪرڻ ناممڪن هوندو پر ايم ڪيو ايم جي جانثار ڪارڪنن ان نا ممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاري چڏيو.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي،ڪراچي تنظيمي ڪميٽي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي، ٻين تنظيمي شعبن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 7 جولائي 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم رمضان شريف جي مبارڪ مهيني ۾ تورڙي وقت ۾ تاريخي ۽ شاندار جلسو منعقد ڪري پاڪستان جي سياست ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.جنهن تي ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ زبردست شاباش ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن.انهن اها ڳالھ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، ڪراچي تنظيمي
ڪميٽي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي ٻين شعبن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته ڪجھ ماڻهن جو خيال هو ته رمضان شريف ۾ جلسو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل بلڪه ناممڪن هوندو پر ايم ڪيو ايم جي جانثار ڪارڪنن ڏينهن رات محنت ڪري ان ناممڪن ڪم کي ممڪن بڻائي ڏيکاري چڏيو. جنهن تي مان ايم ڪيو ايم جي تمام يونٽن ، سيڪٽرن، زونن، رابطا ڪميٽي ، ڪي ٽي سي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي، تمام تنظيمي شعبن جي ذميوارن، جلسي جي انتظامن جي لاءِ بڻايل تمام ڪميٽين جي ميمبرن، عورتن، بزرگن ۽ هڪ هڪ ڪارڪن کي دل جي گهرائين سان سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن ايتري وڏي جلسي ۾ حاضرين جي لاءِ افطاري جا بهترين انتظام ڪرڻ تي انتظامي ڪميٽين جي ميمبرن کي زبردست خراج تحسين ۽ شاباش پيش ڪئي. انهن فرمايو ته اسان پاڪستان جي محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي حصول جي لاءِ ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. الله تعالٰي اسان کي ان جدوجهد ۾ ڪامياب ڪري. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي، سائبر ڊپارٽمينٽ، وڊيو ڪميٽي، فوٽو گرافڪ ڪميٽي، نيوز ڪميٽي، سوشل ميڊيا ۽ شعبه اطلاعات جي تمام ذيلي ڪميٽين جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن کي به جلسي جي سلسلي ۾ انهن جي شاندار خدمتن تي شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ويب ٽي وي جي ذريعي جلسي جي ڪاروائي پوري دنيا ۾ سنئين سڌي نشر ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي جي ٽيم کي خصوصي شاباش پيش ڪئي . انهن تمام ميمبرن کي فرمايو ته مان اوهان جي لاءِ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي اوهان جي هنر ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ، اوهان کي زندگي ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي ۽ اوهان کي حرص، لالچ ۽ انا پرستي جهڙين بيمارين ۽ هر قسم جي برائين کان پري رکي.آمين.


5/16/2024 9:41:39 PM