ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ خالد گوندل جي يورپ ۾ سمنڊ پار پاڪستانيز جي ايسوسيئيشن الائنس فورم اٽلي جو صدر مقرر ٿيڻ تي انهن کي ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد.
ڪراچي؛ 7 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ سابق وفاقي وزير سمنڊ پار پاڪستانيز ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم سان وابسته ۽ اٽلي چيپٽر سان تعلق رکندڙ خالد گوندل کي يورپ ۾ سمنڊ پار پاڪستانيز جي سڀني کان وڏي ايسوسيئيشن الائنس فورم اٽلي جو صدر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن اميد ظاهر ڪئي ته خالد گوندل سمنڊ پار پاڪستانيز جي مشڪلاتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪندا ۽ خصوصي طور تي اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا.ڊاڪٽر فاروق ستار وڌيڪ چيو ته خالد گوندل جو ايسوسيئيشن الائنس فورم اٽلي جو صدر مقرر ٿيڻ انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي واضع دليل آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اهي ايسوسيئيشن الائنس فورم اٽلي جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا.