Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي مختلف سياسي ، مذهبي ۽ واپاري برادري سان ملاقات


 Posted on: 7/2/2014 1
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي مختلف سياسي ، مذهبي ۽ واپاري برادري سان ملاقات.
ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي 6 جولائي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن يوسف شاهواڻي ، اشفاق منگي ۽ ٻين مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون. يوسف شاهواڻي ڪوئيٽا ۾ وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ، مجلس وحدت المسلمين بلوچستان جي صوبائي صدر علامه مقصود ڏومڪي، شيعه ڪانفرنس جي صوبائي صدر آغا دائود، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينيئر صدر سيد احسان شاھ،ڪوئيٽا جي انجمن تاجران جي صوبائي صدر عبدالرحيم ڪاڪڙ،بلوچستان جي صرافه ايسوسيئيشن جي صدر محمد حسين ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري انهن کي 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جڏهن ته اشفاق منگي ۽ ٻين سابق اسپيڪر قومي اسيمبلي الٰهي بخش سومرو سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ انهن کي 6 جولائي تي ٿيندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم اقليتي امور ڪميٽي جي انچارج منور اسلام ۽ ٻين ڪرسچن ڪميونٽي جي رهنمائن سان ملاقات ڪري انهن کي 6 جولائي جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.انهن ڪراچي ۾ ڪراچي ڪيٿولڪ چرچ بشپ جوزف ڪوٽس، چرچ آف پاڪستان جي بشپ اعجاز عنايت ۽ سينيٽ پيٽر اينڊ پال ڪيٿولڪ چرچ جي فادر صالح ڊائيگوڪو کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.ملاقاتن جي موقعي تي تمام سياسي ، مذهبي ۽ واپاري برادري جي ذميوارن جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جلسي ۾ شرڪت جي خاطري به ڪرائي.


5/16/2024 10:50:36 PM