Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جون خواتين ڪارڪن به هٿيار بند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/2/2014 1

ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جون خواتين ڪارڪن به هٿيار بند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
19 فيبروري 2012 تي جناح پارڪ جي جلسي ۾ عورتن لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري ان کي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو بڻائي ڪري تاريخ لکي هئي جنهن جي مثال ملڻ مشڪل آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 2 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردن سان نڀرڻ ۽ ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا صرف نوجوان ۽ بزرگ ئي نه بلڪه خواتين ڪارڪنَ به فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهن.انهن اها ڳالھ اڄ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي مرڪزي ڪميٽي ،ٻين شعبن ۾ تنطيمي خدمتون انجام ڏيڻ وارين عورتن ۽ خواتين اسيمبلي ميمبرياڻين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ عورتن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو ناقابل فراموش آهي. 19 فيبروري2012 تي ڪراچي جي جناح پارڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ عورتن جي جلسي ۾ عورتن لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري ان کي دنيا جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو بڻائي ڪري هڪ تاريخ
2
رقم ڪئي هئي جنهن جي مثال ملڻ مشڪل آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهارجي  لاءِ ڪراچي جي انهي جناح پارڪ ۾ جلسو منعقد ڪري رهي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جون خواتين ڪارڪنَ، امڙيون ۽ ڀينرون 6 جولائي جي ان جلسي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري نه صرف ان جلسي کي تاريخي بڻائينديون بلڪه 19 فيبروري جي پنهنجي ان تاريخي جلسي جي ريڪارڊ کي به پاڻ ئي ٽوڙينديون. انهن خواتين ذميوارن کي هدايت فرمائي ته اهي مختلف ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ڪري سڀني علائقن ۾ امڙين ۽ ڀينرن کي پيغام ڏين ۽ ان جلسي جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪن. انهن فرمايو ته مان چاهيان ٿو ته اسان پاڪستان جي فوج کي ٻڌايون ته ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ نه صرف ڪراچي جا نوجوان ۽ بزرگ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهن بلڪه امڙيون ۽ ڀينرون به پاڪستان کي بچائڻ ۽ ان کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوج سان گڏ آهن ۽ ملڪ و قوم کي جڏهن به ضرورت پئي ته اهي پنهنجيون خدمتون پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار هونديون. ان موقعي تي شعبه خواتين جي ذميوارن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته امڙيون ۽ ڀينرون اوهان کي مايوس نه ڪنديون ۽ 6 جولائي جي جلسي کي ڪامياب ۽ تاريخي بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪنديون ۽ جلسي کي توقع کان وڌي ڪري ڪامياب بڻائينديون.

5/16/2024 7:29:09 PM