ايم ڪيو ايم جي تحت پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تاريخي شرڪت ٿيندي.انچارج اي پي ايم ايس او.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2014
اي پي ايم ايس او جي انچارج توصيف اعجاز ۽ ميمبرن چيو آهي ته 6 جولائي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تاريخي شرڪت ٿيندي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي هڪ طرف ملڪ سازشن جو شڪار آهي ۽ ٻئي طرف فوج ملڪ کي لاڳو خطرن کان نڀرڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچي چڪي آهي.اهڙي صورتحال ۾ نوجوان طبقي جو اهو فرض آهي ته اهو فوج سان يڪجهتي جو ڀرپور مظاهرو ڪري.انهن سڄي ملڪ جي شاگردن ، شاگردياڻين ۽ معزز استادن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار کي پنهنجو فرض سمجهندي 6 جولائي تي جناح پارڪ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن ۽ ثابت ڪري چڏين ته ملڪ جو تعليم يافته نوجوان طبقو ۽ استاد َ ان آزمائش جي گهڙي ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهن.