Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زيراهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان وڏو جلسو پاڪ فوج جي ارادي ۽ حوصلن ۾ اضافو ڪندو. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.


 Posted on: 7/2/2014 1
ايم ڪيو ايم جي زيراهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀني کان وڏو جلسو پاڪ فوج جي ارادي ۽ حوصلن ۾ اضافو ڪندو. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.
اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جهاد ڪري رهي آهي.حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جهاد ڪري رهي آهي ۽ دهشت گردي جي ڪري ملڪ و قوم جي وڃايل عزت ۽ وقار بحال ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏيئي رهي آهي جنهن تي سڄي ملڪ جا عوام فوج کي سلام تحسين پيش ڪن ٿا. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن کان دهشت گردي جي ڪري معاشي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي عدم استحڪام پيدا ٿيو ۽ امن و امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جي ڪري ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ملڪ تي دهشت گردن جو قبضو ٿي چڪو آهي. انهن چيو ته پاڪ فوج اهڙين نازڪ حالتن ۾ اڳتي وڌي ڪري ملڪ جي سرحدن جي نه صرف حفاظت ڪئي بلڪه ان جي لاءِ آپريشن  ضرب عضب جي ذريعي دهشت گردن جي خلاف بي مثال ڪاروائيون به ڪري رهي آهي . انهن چيو ته 6 جولائي جو جلسو پاڪ فوج جي جذبن ۽ حوصلن ۾ اضافو ڪندو. انهن مخير حضرات ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي آئي ڊي پيز جي لاءِ امداد  ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين . انهن آپريشن ضرب عضب ۾ جام شهادت نوش ڪرڻ وارن فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ و قوم جي لاءِ پنهنجيون جانيون پيش ڪرڻ وارا قومي هيرا آهن. انهن سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ جلسي ۾ ڀرپور تعداد ۾ شرڪت ڪن ۽ پاڪ فوج سان پنهنجي ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.
*****

5/16/2024 8:01:17 PM