Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميمبرقومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي وحشي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 7/2/2014 1

ميمبرقومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي وحشي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
طاهره آصف شهيد جي قتل جي واردات کي ڪوئي ٻيو رنگ ڏيڻ جي سازش نه ڪئي وڃي.
ٽن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽن اسيمبلي ميمبرن کي دهشت گردن شهيد ڪيو آهي پر اڄ تائين انهن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ اجلاس سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 2 جولائي؛ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي وحشي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان کليل قتل جي واردات کي ڪوئي ٻيو رنگ ڏيڻ جي سازش نه ڪئي وڃي. انهن اهو مطالبو اڱاري جي شام ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ هڪ اجلاس سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو.جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن طارق جاويد، محمد انور، طارق مير، محمد اشفاق، عامر خان، مصطفٰي عزيز آبادي، واسع جليل، قاسم
2
علي رضا ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج محترمه صفيه اڪبر، ميمبرياڻين ۽  انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستانه جدوجهد جي ڏوھ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽن اسيمبلي ميمبرن کي دهشت گردن شهيد ڪيو ۽ 18 جون تي لاهور ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هنيون ويون پر نه ته اسان جي ٻين ساٿين جا قاتل گرفتار ٿيا ۽ نه ئي محترمه طاهره آصف جا قاتل اڄ تائين گرفتار ٿيا آهن. انهن فرمايو ته محترمه طاهره آصف شهيد صرف ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي ئي نه بلڪه اسان جي پياري ڀيڻ به هئي. اڄ به محبتون ۽ انهن جو خلوص اسان جي دلين ۾ زنده آهي ۽ انشاء الله تعالٰي انهن جو رت ۽ انهن جي قرباني رائيگان نه ويندي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين محترمه طاهره آصف شهيد جي مغفرت ۽ سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام حق پرست شهيدن جي مغفرت فرمائي،انهن جي قربانين کي قبول فرمائي ۽ ملڪ کان غربت ، بک، دهشت گردي ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن جو خاتمو ڪري،انهن ان موقعي تي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪرائي ۽ آپريشن ۾ مصروف فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي انهن جي ڪاوشن ۽ قربانين تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين گذريل پوين ڏينهن ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ايم ڪيو ايم جي همدرد ۽ سينيئر پريس فوٽوگرافر محمد ناصر جي والده مرحومه جي لاءِ به دعائي مغفرت ڪرائي

5/16/2024 6:54:27 PM