ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سني تحريڪ ، نطام مصطفٰي پارٽي ۽ جميعت علماء اسلام (سميع الحق )جي رهنمائن سان ملاقات. رابطا ڪميٽي انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ پهرين جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر احمد سليم صديقي، عبدالحسيب ۽ ٻين سني تحريڪ جي رهنما شاهد غوري ۽ فهيم قادري ، نظام مصطفٰي پارٽي جي سربراھ حاجي حنيف طيب ۽ جميعت علماء اسلام (سميع الحق ) جي رهنما مولانا اسد ٿانوي سان ملاقات ڪئي. رابطا ڪميٽي انهن کي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ملڪ اڄ جنهن نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ان موقعي تي اسان جي پاڪ فوج جنهن مردانگي سان دهشت گردن جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو قابل تحسين آهي ،عالمن سڳورن ايم ڪيو ايم جي ڪوششن کي ساراهيندي ان جي تعريف ڪئي ۽ جلسي ۾ شرڪت جي خاطري به ڪرائي.