خدمت خلق فائونڊيشن جي تحت اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙن جي امداد جي لاءِ وڌيڪ هڪ ٽرڪ ۽ ٻه سوزوڪيون امدادي سامان جون روانا ڪيون ويون.
ڪراچي؛ پهرين جولائي2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي تحت اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙ(آئي ڊي پيز) جي امداد جي لاءِ اڱاري جي ڏينهن ڪي ڪي ايف جي متاثرين جي امداد جي لاءِ وڌيڪ هڪ ٽرڪ ۽ ٻه سوزوڪيون امدادي سامان جون روانا ڪيون ويون. جن کي بعد ۾ سي او ڊي جي حوالي ڪيو ويو. امدادي سامان ۾ اٽو، چانور، دالون، گيھ، سکل کير، چانهن جي پتي، لوڻ، مرچ، مصالحا، منرل واٽر ۽ موذي مرضن کان بچاءُ جي دوائن س ت ٻيون روز مره جون شيون به شامل آهن. اهو سامان ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن افتخار اڪبر رنڌاوا، ڪهف الورٰي ۽ حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي پنهنجي نگراني ۾ روانا ڪيو.ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جا رضاڪار۽ ايم ڪيو ايم جا ٻيا ذميوار به موجود هئا.