Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شمالي وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب دهشت گردن جو خاتمو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جون راهون کوليندو. انچارج ليبر ڊويزن


 Posted on: 7/1/2014 1
شمالي وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب دهشت گردن جو خاتمو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جون راهون کوليندو. انچارج ليبر ڊويزن.
تمام محنت ڪش 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.ليبر ڊويزن.
ڪراچي؛ پهرين جولائي 2014
            ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي انچارج ڪاظم رضا ۽ ميمبرن چيو ته اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب سان دهشت گردن جو خاتمو ٿيندو ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي جو راهون کلنديون. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي تحت 6 جولائي بروز آچر تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ ٿيندڙ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو هوندو،انهن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ دهشت گردن جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان امن جو گهوارو بڻجي ويندو. انهن تمام محنت ڪشن، واپارين، مزدور يونين ۽ ادارن جي ملازمن کي اپيل ڪئي ته اهي 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪري چڏين ته پاڪستان جي فوج اڪيلي نه آهي ۽ انهن سان پوري قوم گڏ آهي.

5/16/2024 11:10:02 PM