جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙ هم وطنن جي امداد جي لاءِ ٻه ٽرڪ روانا ڪيا ويا.
ڪراچي؛30 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ڪي ڪي ايف جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙن جي مدد جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين جا ٻه ٽرڪ سومر جي ڏينهن روانا ڪيا ويا. امدادي سامان ۾ اٽو، چانور، گيھ، کنڊ، سڪل کير، چانهن جي پتي ۽ ٻيون روز مره جي استعمال جون شيون شامل آهن. اهي ٽرڪ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق، گلفراز خان خٽڪ ۽ ڪهف الورٰي پنهنجي نگراني ۾ روانا ڪيا. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين هميشه بغير ڪنهن فرق جي ماڻهن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي ۽ انهن پنهنجن ڪارڪنن کي به اهو ئي درس ڏنو آهي ته اهي به غريبن جي بغير ڪنهن فرق جي مدد ڪن