Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست صوبائي وزير صنعت و تجارت رئوف صديقي ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي سامان جا ٻه ٽرڪ سي او ڊي ۾ پاڪ فوج جي حوالي ڪري چڏيا.


 Posted on: 6/30/2014
حق پرست صوبائي وزير صنعت و تجارت رئوف صديقي ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي سامان جا ٻه ٽرڪ سي او ڊي ۾ پاڪ فوج جي حوالي ڪري چڏيا.

آئي ڊي پيز جي لاءِ سامان جي نگراني براه راست جناب الطاف حسين ڪري رهيا آهن.رئوف صديقي.

ڪراچي؛ 30 جون 2014

            متحده قومي موومينٽ جي صوبائي وزير صنعت و تجارت خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان اتر وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙ هم وطنن جي امداد جي لاءِ کاڌي پيتي جي سامان جا ٻه ٽرڪ سي او ڊي ۾ پاڪ فوج جي اعلٰي آفيسرن جي حوالي ڪيا.ڪراچي ۾ واقع مرڪز سي او ڊي ۾ بريگيڊيئر نيئر ۽ ٻين اهي امدادي سامان جا ٽرڪ وصول ڪيا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تشڪر جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي بريگيڊيئر نيئر رئوف صديقي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اسان ڀائرن جو ساٿ ڏيڻ تي ڪي ڪي ايف جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. انهن چيو ته اتر وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن کي کاڌي پيتي جي شين جي سخت ضرورت آهي ۽ پاڪ فوج روزانو جي بنياد تي انهن تائين امدادي سامان پهچائي رهي آهي. ان موقعي تي رئوف صديقي فوج جي آفيسرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم 6 جولائي تي ڪراچي ۾ ملڪ جي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستاني شرڪت ڪندا. جنهن تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن خوشي جو اظهار ڪيو. رئوف صديقي وڌيڪ چيو ته آئي ڊي پيز جي لاءِ امدادي سامان جي نگراني جناب الطاف حسين پاڻ ڪري رهيا آهن

5/16/2024 8:42:04 PM