Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين هميشه ڪارڪنن کي خصوصي ماڻهن سان محبت ۽ انهن جي دادرسي جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


 Posted on: 6/30/2014
جناب الطاف حسين هميشه ڪارڪنن کي خصوصي ماڻهن سان محبت ۽ انهن جي دادرسي جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.

ايم ڪيو ايم جي شعبي برائي خصوصي ماڻهن جي تحت رمضان شريف جي مناسبت سان خصوصي ماڻهن ۾ تحفا ورهايا ويا.

ڪراچي؛30 جون 2014

          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي رمضان شريف جي مناسبت سان خصوصي ماڻهن جي شعبي برائي خصوصي ماڻهن جي زير اهتمام نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ معذور ماڻهن ۾ تحفن ورهائڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار،احمد سليم صديقي، آنسه ممتاز، خصوصي ماڻهن جو انچارج عدنان سرور ۽ شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي به موجود هئي، انهن معذور ماڻهن ۾ سامان به ورهايو. ان موقعي تي اظهار خيال ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خصوصي ماڻهن سان هميشه محبت ڪئي آهي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به خصوصي ماڻهن سان محبت ڪرڻ ۽ انهن جي داد رسي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اها ئي وجه آهي ته اڄ ايم ڪيو ايم جي شعبي برائي خصوصي ماڻهن جي زير اهتمام ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويو آهي . تقريب کي خطاب ڪندي شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام خصوصي ماڻهن ۾ راشن ورهايو پيو وڃي انهن چيو ته اهو جناب الطاف حسين جي پنهنجن ڪارڪنن کي تعليمات جو ئي ثمر آهي . انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ مذهبي ڏڻڻ جي آمد سان گڏئي شهرين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون،پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رمضان شريف جي آمد سان گڏ ئي شين جي مهانگي ٿيڻ ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو جنهن جي ڪري هڪ غريب ۽ وچولي طبقي جو ماڻهو رمضان شريف ۾ سهولتن کان محروم ٿي وڃي ٿو. تقريب سان رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، احمد سليم صديقي ۽ خصوصي ماڻهن جي شعبي جي انچارج عدنان سرور به اظهار خيال ڪيو

5/16/2024 10:29:08 PM