Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لانڍي يوسي 2 جي مسلم آباد کان اي اين پي وارڊ جي صدر رضوان الله قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کان متاثر ٿي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.


 Posted on: 6/30/2014
لانڍي يوسي 2 جي مسلم آباد کان اي اين پي وارڊ جي صدر رضوان الله قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کان متاثر ٿي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.

ڪراچي؛ 30 جون 2014

           لانڍي يوسي 2 مسلم آباد کان اي اين پي وارڊ جي صدر رضوان الله قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي کان متاثر ٿي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڏيو آهي. اهو اعلان انهن ايم ڪيو ايم پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي طرفان لانڍي يوسي مسلم آباد ۾ يونٽ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي انچارج حنيف اتمان خيل ، ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي.افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي حق پرست صوبائي ميمبر وقار حسين شاھ چيو ته ملڪ جا محب وطن پختون عوام جناب الطاف حسين جي نظريي کي اپنائي چڪا آهن. انهن چيو ته اڄ پختونن جي وڏي تعداد ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ڪري ملڪ جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ملڪ تي غريبن جي حڪمراني قائم ٿيندي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جدوجهد هڪ ڏينهن رنگ لائيندي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي تحت فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسو هڪ عظيم الشان جلسو هوندو. انهن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي ان جلسي ۾ پنهنجي گهر وارن سميت شرڪت ڪن

5/16/2024 7:29:10 PM