ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب جي سربراهي ۾ وفد عالمن سڳورن سان ملاقات ڪئي ۽ 6 جولائي جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 30 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي وفدن جي طرفان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي جناح پارڪ ڪراچي منعقد ٿيندڙ عظيم الشان اجتماع جي دعوت نامن جو سلسلو جاري آهي.ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب جي سربراهي ۾ حق پرست ميمبر صوبائي اسيمبلي انور رضا ۽ متحده علماء ڪميٽي جي ميمبر ناصر يامين جماعت اهل سنت جي سربراھ علامه شاھ تراب الحق قادري ، مولانا حافظ محمد سلفي، مولانا زر ولي، مولانا اسد ديوبندي ۽ مولانا انتظار الحق ٿانوي سان ملاقات ڪري انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي تمام عالمن سڳورن پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جناب الطاف حسين جي طرفان جلسي جي دعوت جو خير مقدم ڪندي شرڪت جي خاطري ڪرائي