Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي سوچ پاڪستان جي ترقي جا سڀ رستا روڪي چڏيا آهن. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوير انجنيئر ناصر جمال


 Posted on: 6/30/2014
دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي سوچ پاڪستان جي ترقي جا سڀ رستا روڪي چڏيا آهن. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوير انجنيئر ناصر جمال.

پوري قوم تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيهي.

جناح پارڪ جي دوري جي موقعي تي جلسي جي تيارين ۾ مصروف ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ.

ڪراچي؛ 30 جون 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال اڄ سومر جي ڏينهن مزار قائد جناح پارڪ جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي سلسلي ۾ جاري تيارين جو جائزو ورتو. جلسي گاھ ۾ موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال چيو ته انشاء الله تعالٰي 6 جولائي جو جلسو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. انهن چيو ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي سوچ پاڪستان جي ترقي جا تمام رستا بند ڪري چڏيا آهن ۽ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جي فوج دهشت گردي جي خلاف فيصله ڪن جنگ ۾ مصروف آهي ته پوري قوم تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيهي. انهن اميد ظاهر ڪئي ته 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو جلسو هوندو ۽ پاڪستان جي سڀني جلسن جو ريڪارڊ ٽوڙي چڏيندو.(انشاء الله تعالٰي) جلسي گاه جي دوري جي موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ ڪنور نويد جميل، توصيف خانزاده، خالد سلطان، اسلم آفريدي ۽ ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جا ذميوار به انهن سان گڏ هئا

5/16/2024 7:28:50 PM