Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آچر 6 جولائي تي ڪراچي ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو ميڙاڪو قومي جذبي جو عملي ثبوت هوندو.ايم ڪيو ايم شعبه خواتين .


 Posted on: 6/30/2014
آچر 6 جولائي تي ڪراچي ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو ميڙاڪو قومي جذبي جو عملي ثبوت هوندو.ايم ڪيو ايم شعبه خواتين .

تمام سياسي، مذهبي ، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ته اهي هن نازڪ صورتحال ۾ پاڪ فوج جو ساٿ ڏين. شعبه خواتين انچارج ڪشور زهرٰي.

ڪراچي؛ 30 جون 2014

            متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين چيو آهي ته ملڪ هن وقت انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ دهشت گردي ۾ وڪوڙيل آهي اهڙي وقت ۾ ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ سڀئي امڙيون، ڀينرون ۽ نياڻيون فوج سان گڏ آهن ۽ انهن سان مڪمل يڪجهتي ڪن ٿيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان دهشت گردن جي خلاف مصروف آهن ۽ جام شهادت نوش ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد ۾ عورتن جون لازوال قربانيون آهن ۽ هاڻي ملڪ بچائڻ جي جدوجهد ۾ به قوم جون امڙيون ، ڀينرون ۽ نياڻيون پاڪ فوج سان نه صرف گڏ آهن بلڪه ملڪ جي بقا و سلامتي جي خاطر فوجي ڀائرن سان هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار به آهن. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي ڀيرا فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي نه صرف ڳالھ ڪندا رهيا آهن بلڪه عملي طور تي ثابت به ڪري چڪا آهن ته ڏکين حالتن ۾ اهي ۽ انهن جي جماعت جو هڪ هڪ ڪارڪن مڪمل طور تي فوج سان گڏ هئا، گڏ آهن ۽ گڏ رهندا.آچر 6 جولائي تي ڪراچي ۾ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو اجتماع ان جي قومي جذبي جو عملي ثبوت هوندو. شعبه خواتين جي انچارج ۽ ميمبرياڻين تمام سياسي و مذهبي جماعتن ۽ سماجي تنظيمن کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي ان نازڪ مرحلي ۾ ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ڇو ته ملڪ آهي ته سياست آهي. ان جي ڪري سڀني کي گهرجي ته اهي هن نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوج جو ڀرپور ساٿ ڏين ۽ ايم ڪيو ايم جي تحت ٿيندڙ هن اجتماع ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

5/16/2024 9:57:51 PM