Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اجلاس.


 Posted on: 6/30/2014
سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اجلاس.

اجلاس ۾ هٿيار بند فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ آچر 6 جولائي تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجتماع جي انتظامن جي سلسلي ۾ غوروخوض ڪيو ويو.

اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ اوورسيز يونٽن سان به رابطا ڪيا ويندا.

لنڊن؛ 30 جون 2014

         متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن جو هڪ اجلاس سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد اشفاق،محمد انور، محترمه نسرين جليل، عامر خان، واسع جليل، مصطفٰي عزيز آبادي ۽ قاسم علي رضا شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪ دشمن دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 6 جولائي تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجتماع جي انتظامن جي سلسلي ۾ غور و خوض ڪيو ويو،اجلاس ۾ 6 جولائي جي اجتماع جي انتظامن جي مانيٽرنگ ۽ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ مختلف تنظيمي شعبن سان مسلسل رابطن ۽ تيارين جي فالواپ جي لاءِ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن تي مشتمل ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته 6 جولائي جي اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ اوورسيز يونٽن سان رابطا ڪيا ويندا.اجلاس ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته فوج سان يڪجهتي جي لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجتماع شاندار۽ تاريخي هوندو ۽ عوام جي هڪ تمام وڏي تعداد ان اجتماع ۾ شرڪت ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي ڏيکاري چڏيندي ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا عوام پاڪ فوج سان گڏ آهن.

5/16/2024 9:42:06 PM