Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ وفد مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ پير پاڳاري سان راجه هائوس ۾ ملاقات ڪئي.


 Posted on: 6/28/2014

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ وفد مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ پير پاڳاري سان راجه هائوس ۾ ملاقات ڪئي.
وفد پير پاڳاري کي ايم ڪيو ايم جي تحت 6 جولائي تي ٿيندڙ عظيم الشان جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ڪراچي؛ 28 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي چار رڪني وفد مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ پير پاڳاري سان انهن جي رهائش گاھ راجه هائوس ڊفينس ۾ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي 6 جولائي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ عظيم الشان جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ايم ڪيو ايم وفد ۾ بابر غوري، اشفاق منگي ۽ گلفراز خان خٽڪ شامل هئا. ملاقات جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان بابر غوري پير صاحب پاڳاري جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو ته انهن ڏکئي وقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪندي جناب الطاف حسين جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جو رهنما صدر الدين شاھ ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات کان پوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بابر غوري ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ملاقات جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو.

5/16/2024 10:50:20 PM