سيالڪوٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي ٽن ٻارڙن سميت ڇهن ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 28 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سيالڪوٽ جي علائقي گجر خان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي ٽن ٻارڙن سميت ڇهن ماڻهن جي مارجڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي ان دردناڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن کي پنهنجي جوار حمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.