Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم 6 جولائي بروز آچر تي شام جو 4 وڳي پاڪستان جي فوج سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مزار قائد تي جناح پارڪ ۾ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 6/28/2014
ايم ڪيو ايم 6 جولائي بروز آچر تي شام جو 4 وڳي پاڪستان جي فوج سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مزار قائد تي جناح پارڪ ۾ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي.
پوري قوم هن جلسي ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي عوام کي اپيل.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 28 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم 6 جولائي بروز آچر تي شام جو 4 وڳي پاڪستان جي فوج سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مزار قائد تي جناح پارڪ ۾ هڪ عظيم الشان جلسي جو انعقاد ڪندي. ان ۾ پاڪستاني عوام هڪ قوم بڻجي ڪري دهشت گردن جي خلاف جنگ ڪندڙ فوج کي سلامي پيش ڪندي. انهن چيو ته اسان فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فوج سان گڏ آهي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ نه صرف دعاگو آهي بلڪه فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏ به بيٺي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ احمد سليم صديقي سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪيٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.انهن چيو ته پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي ڪري ئي ملڪي ۽ غير ملڪي خطرن ۽ چيلنجن سان نڀرندو آيو آهي پر اڄ دهشت گردي جي شڪل ۾ پاڪستان کي جهڙي طرح اندروني خطرا لاڳو آهن ان جي مثال ماضي ۾ نه ٿي ملي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ دهشت گردي جي مسلسل نشاندهي ڪندا رهيا آهن پر اها اسان جي بدنصيبي رهي جو گذريل حڪومت جي پاليسين جي نتيجي ۾ دهشت گردي جو ٻج خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي  ۽ اڄ اسان جي نسلن کي اها پوک لڻڻي پئجي رهي آهي. انهن چيو ته دهشت گردن پوري معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڏيو آهي ۽ اڄ اسان جي عبادتگاهن، بزرگن جي مزارن ، اسڪولن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪري رهيا آهن ايستائين جو معصوم شهرين سميت ڪوئي به قومي ادارو محفوظ نه آهي. انهن چيو ته اهڙن حالتن ۾ بار بار اها ڳالھ ڪئي وئي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دهشت گردن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ته سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۾ شامل ڪجھ ماڻهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ دهشت گردن جي کليل حمايت ڪئي.انهن چيو ته جڏهن دهشت گردي جي تيزي سان وڌندڙ وارداتن جي خلاف حڪومت وٽ ٻيو ڪوئي به رستو نه بچيو ته اها اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي ته فوج جي ذريعي دهشت گردن جو خاتمو ڪيو وڃي. انهن چيو ته فوج دهشت گردن جي خلاف پاڪستان جي بقا جي جنگ وڙهي رهي هئي ته ڪجھ ماڻهن ان طرف کان توجه هٽائڻ جي لاءِ ۽ ان آپريشن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ماڊل ٽائون جهڙا واقعا ڪيا ته جيئن دهشت گردن جي خلاف آپريشن کي ڌنڌلائي چڏجي.انهن چيو ايم ڪيو ايم ان موقعي تي پنهنجو اهو قومي فرض سمجهي ٿي ته اسان فوج جي حوصله افزائي ڪريون. انهن چيو ته دهشت گردن جي خلاف اهو آپريشن اسان جي مطالبي تي ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي اهو فيصلو ڪيو آهي ته 6 جولائي بروز آچر تي 4 وڳي مزار قائد وٽ جناح پارڪ ۾ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪندي جنهن ۾ پوري قوم گڏ ٿي ڪري فوج کي سلامي پيش ڪندي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين گذريل ڏينهن اهو اعلان ڪيو هو ته فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت هڪ عظيم الشان جلسي جو انعقاد ڪيو وڃي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين اهو اڳ ۾ ئي  چئي چڪا آهن ته جيڪڏهن فوج کي جوانن جي گهرج آهي ته ايم ڪيو ايم جا ٽن لکن کان وڌيڪ ڪارڪنَ هر وقت فوج سان گڏ هن جنگ ۾ شامل هوندا.انهن پوري قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان جلسي ۾ شامل ٿي ڪري فوج سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته پاڪستان جي تمام سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، تمام مڪاتب فڪر ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جا وفدَ سياسي جماعتن جي رهنمائن سان رابطا ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم اهڙن چيلنجن سان نڀرندي رهي آهي ۽ 6 جولائي جو جلسو ثابت ڪري چڏيندو ته پوري قوم دهشت گردن جي خلاف آهي.آئي ڊي پيز جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ان جنگ ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر چڏڻ تي مجبور ٿيا آهن ڪوشش ڪئي وڃي ته انهن کي انهن جي علائقن جي ويجهو ئي آباد ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم ان سلسلي ۾  پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل تي آئي ڊي پيز جي لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حق پرست نمائندن ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار جمع ڪرائي آهي ، جڏهن ته متاثرين جي امداد جي لاءِ خدمت خلق فائونڊيشن به فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

5/2/2024 2:54:47 AM